Friday , April 19 2024

سنڌي ٻولي جو ناميارو ڪهاڻيڪار غربت سبب ذهني بيماري ۾ مبتلا

سجاول(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ماضيءَ ۾ سنڌي ٻولي جو مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ مشتاق ڪمالاڻي غربت سبب مختلف بيمارين کانپوءِ ذهني بيماري ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، مشتاق ذهني بيماري ۽ غربت سبب خيرات وٺي پيٽ پاڻ تي مجبور ٿي ويو، سندس تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ ايس ايس پي سجاول سندس گهر تي پهچي ذاتي خرچ تي علاج ڪرائڻ ۽ هڪ پگهار مالي مدد طور ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، ثقافت کاتي جي وزير ۽ سيڪريٽري کي به سندس يادگيري اچي وئي آهي.

سنڌي ٻولي جي ڪهاڻيڪار، ليکڪ ۽ اديب مشتاق ڪمالاڻي جي بيماري ۾ مبتلا هئڻ ۽ سندسن ڏکوئيندڙ صورتحال واريون تصويريون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ صوبائي وزير سردار شاهه نوٽيس وٺندي مشتاق ڪمالاڻي جو ڪراچي مان علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. سجاول ضلعي سان تعلق رکندڙ سنڌ جي اديب ۽ ڪهاڻيڪار مشتاق ڪمالاڻي جون گذريل ڪجهه ڏينهنَ دوران خراب صورتحال واريون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون هيون.

مشتاق ڪمالاڻي جي بيماري بعد ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سردار شاهه ۽ سيڪريٽري اڪبر لغاري جي هدايتن تي ثقافت کاتي جي عملدارن ڪهاڻيڪار مشتاق ڪمالاڻي جي ڀاءُ سان ملاقات ڪئي. ثقافت کاتي جي عملدارن ڪهاڻيڪار مشتاق ڪمالاڻي جي ڀاءُ سان ملاقات بعد طئي ڪيو ته مشتاق ڪمالاڻي جو ڪراچي جي خانگي اسپتال مان علاج ڪرايو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *