Friday , April 19 2024

سنڌي ٻولي جو بهترين ڪهاڻيڪار سليم چنا سينئر به وڇڙي ويو

سنڌسماءَچار سٿ پاران سليم چنا سينئر جي لاڏاڻي تي سندس پوئرن ۽ سندس پوئنرن ۽ چاهيندڙن سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي

ڪراچي( چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌي ٻولي جو بهترين ڪهاڻيڪار سليم چنا سينئر لاڏاڻو ڪري ويو. سنڌي ٻولي جي بهترين ڪهاڻيڪار، ٻولي جو ماهر ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو ۾ انڪم ٽيڪس جو اڳوڻو ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ جنرل مخدوم بلاول جو والد سليم چنا سينئر ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سليم چنا جي جنازي نماز اڄ 16 اپريل جمعي  ڏينهن طيبه مسجد گلشن اقبال بلاڪ 10 ڪراچي ۾ منجهند جو ڏيڍ وڳي ادا ڪئي ويندي. سليم چنا سينئر، سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي سرگرم ميمبر رهندڙ، جيو نيوز جي اڳوڻي ۽ پهرين اسائنمينٽ ايڊيٽر مخدوم بلاول جو والد هو. سليم چنا سينئر ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد اڄ ڪراچي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. سندس ڪهاڻين جا ڪتاب به شايع ٿيل آهن.

سنڌسماءَچار سٿ پاران سليم چنا سينئر جي لاڏاڻي تي سندس پوئرن ۽ سندس مداحن سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *