Friday , March 29 2024

سنڌين خلاف نفرت جو زهر اوڳاڇيندڙ خالد مقبول صديقي کي جواب – غلام سرور دل

سنڌين خلاف نفرت جو زهر اوڳاڇيندڙ خالد مقبول صديقي کي جواب – غلام سرور دل

اسان جي نوجوانن جي محنت ۽ ميرٽ تي لساني نفرت جا تير وسائيندڙ خالد مقبول صديقي اينڊ ڪمنپي! توهان سڄي عمر لاشن تي سياست ڪئي ۽ پنهنجا ماڻهو کنيا نوڪرين ۾ جيڪي ملڪ دشمن طور “را” لاءِ ڪم ڪن پيا. توهان وٽ ته تعليم ئي ناهي، توهان ڪاروباري ماڻهو توهان کي ڪهڙي خبر نوڪرين جي يا محنت جي. توهان جڏهن مشرف دور ۾ 2003 ۾ ايم ايم عثماني سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين هيو ڇا ڇا نه ڪيو، ڪيترو سنڌين جي حقن تي ڌاڙو هنيو، اهو لکڻ لاءِ ته ڪتاب کپن. اڄ تائين سڀني تعليمي بورڊن ۾ 90سيڪڙو  توهانجا ماڻهو ڀرتي ٿيل آهن، توهان ڪهڙو تعليم لاءِ بهتري ڪئي، صرف ان کي به اڄ تائين ڪاروبار ڪري هلايو اٿو، مارڪون به ڏوڪڙن تي وڪڻندا آهيو. تعصبي غور ڪري ڏسو ته جيڪي به توهان مئٽرڪ پاس ميونسپل ڪارپوريشن، ڪي ڊي ۾ ڊائريڪٽر ڪري رکيا، اتي اوهان کي مئرٽ نظر نه آئي؟

خالد مقبول صديقي ڪن کولي ٻڌي ڇڏ، هي تو وٽ ته فيڪٽ ۽ فگر ئي ناهي. عقل جا انڌا لاڙڪاڻي وارو مثال ڏئي پنهنجي نااهلي ظاهر ڪئي اٿئي. هي اهي پوليس وارا آهن جيڪي اي ڊي خواجه جي دور ۾ مئرٽ تي ڀرتيون ٿيون، جن ۾ فزيڪل کان ٽريننگ تائين پاڪستان آرمي جا جوان شامل هيا! ٽيسٽ حڪومت نه پر هڪ ٽئين ڌر اين ٽي ايس ورتي، اگر جي توهان وارا نااهل پاس نه ٿيندا ته پوئي اسان جو ڪهڙو ڏوهه؟ رهي ڳالهه سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ۽ ان ۾ اردو ڳالهائيندڙ ميمبر ناهن ته عقل کان واندا تعصب پرستي جي سوچ رکندڙ اهو ٻڌاءِ ته عبدالعليم جعفري ڪير آهي؟ باقي رهي ڳالهه ته تازو پاس ٿيل چٽا ڀيٽي جي امتحان ۾ سڀ سنڌي، اهو مئرٽ جو امتحان هيو، جتي توهان وارا اردو ڳالهائيندڙ سپاهي جو امتحان پاس نه ڪري سگهن سي ڪميشن جو امتحان ڪٿان پاس ڪندا؟ هاڻي ته گن پوائنٽ وارو دور به ناهي، اوهان جو ناني ويڙهو به ختم ٿي ويو، ايم ايم عثماني جو دور ويو گذري.

سنڌ جتي ٽئلنٽ قابليت جي کوٽ ناهي، تاريخ پڙهو فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ۾ به هميشه سنڌي ٻهراڙي سان تعلق رکندڙ شاگرد پاس ٿيندا آهن، اها ڪميشن ته سنڌين جي ناهي، اتي ڪهڙا ۽ ڪيترو سيڪڙو اٿو جيڪي اردو ڳالهائيندڙ پاس ٿين ٿا؟

پنهنجن ماڻهن کي گهراهه ڪرڻ کان پاسو ڪيو، اسان سنڌي قوم ايترين ٿيل زيادتين تي ڪڏهن به نفرتن جي ڳالهه ناهي ڪئي، اسان هٿيارن بدران قلم جي طاقت سان اوهان کي جواب ڏنو ته جيئن هي هر محنت واري مقابلي ۾ ڪامياب ٿي توهان جهڙن جي منهن تي چماٽ لڳي. هي ڪا سياسي سوچ ناهي اسين اهل نوجوان سنڌ جي هر محاذ سي ٽي مقابلو ڪرڻ ۽ دفاع لاءِ تيار آهيون. هروڀرو تنهنجي انا جي اک ۾ چنڀيل هي تازوڪميشن پاس ٿيل 151 ڄڻا جيڪي وفاقي ادارن ۾ پهرين ئي مئرٽ تي 17 گريڊ تي ڪم ڪري رهيا هيا، گهڻا ته سي ايس ايس پاس آهن، اهليت ۽ قوميت تي وار ڪرڻ کان پهرين پنهنجي غريبان ۾ جهانڪي ڏس پوئي تنقيد ڪيو.

بهتر اٿو سياست ڪيو ائين نوجوانن وچ ۾ زهر نه ڦهلايو.

اسان پنهنجن نوجوانن جو دفاع به ڪرڻ ڄاڻايو ٿا!

غلام سرور دل چيئرمين سنڌ يوٿ الائنس فار پروگريسو پاڪستان 03332895890

هن پوسٽ کي ايترو ته شيئر ڪريو جو هي منافق معافي وٺن ۽ ادارا نوٽيس وٺي هن کي به الطاف جيان پابندي هڻن.

لاٽ ٻرندي رهي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *