Friday , April 19 2024

سنڌصرف 38 سيڪڙو گئس پئدا ڪري ٿي: پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت، سنڌ صوبي پاران گئس جي ملڪي پيداوار جو مجموعي 72 سيڪڙو پيداوار جي انگن اکرن کي رد ڪري ڇڏيو، وفاقي سرڪار چيو آهي ته سنڌ جي گئس پيداوار جو ملڪي گئس جي مجموعي پيداوار جو حصو صرف 38 سيڪڙو  آهي. سينيٽ جي اجلاس دوران پيپلزپارٽي جي سينيٽر شيري رحمان پاران ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڳالهائيندي چيو ته، ملڪ ۾ سب کان وڌيڪ گئس سنڌ صوبو پيدا ڪري رهيو آهي، صنعتو به سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۾ آهن، پر موٽ ۾ سنڌ کي ملي ڇاٿو؟، گئس جي کوٽ به سنڌ جي حصي ۾ ۽ بجلي توڙي گئس جي لوڊشيڊنگ جو عذاب به سنڌ جي ماڻهن لاءِ آهي. شيري رحمان چيو ته سنڌ ملڪ جي ڪُل گئس پيداوار جو 72 ايڪڙو پيدا ڪري ٿي، پر افسوس آهي ته سنڌ کي پنهنجو آئيني حق نٿو ڏنو وڃي، آئين مطابق گئس تي سڀ کان وڌيڪ ۽ پهريون حق ان صوبي جو آهي جتان اُها پيدا ٿئي ٿي.

شيري رحمان جي اهڙي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي وفاقي وزير حماد اظهر ڳالهائيندي / جواب ڏيندي چيو ته، سنڌ جي اها دعويٰ ڪنهن به صورت ۾ درست ناهي ته ملڪ ۾ گئس جي سڀ کان وڌيڪ پيداوار سنڌ جي آهي. حماد اظهر چيو ته حقيقت ائين ناهي اهڙي پروپئگنڊا اجائي آهي. هن چيوته، گئس جي ملڪي ضورتن مطابق ملڪ مان ان جي پيداوار جو 70 سيڪڙُ گئس ملڪ مان ملي ٿو جڏهن ته 3ڏ سيڪڙُو گئس ايل اين جي جِي صورت ۾ پرڏيهه مان گهرائي/ امپرٽ ڪئي وڃي ٿو. جيڪا 70 سيڪڙو گئس ملڪ مان ملي ٿي ان مطابق به 72ن سيڪڙو گئس سنڌ مان پيدا نٿي ٿئي، حماد اظهر ملڪ جي سڀ کان مٿانهين / اعليٰ ايوان ۾ پاليسي بيان ڏيندي چيو ته، گئس جي پيداوار ۾ سنڌ جو حصو صرف 38 سيڪڙو آهي، بلوچستان 40 سيڪڙو، خيبرپختونخوا 12 ۽ پنجاب 8 سيڪڙو گئس پيدا ڪري رهيو آهي. هن اها به دعويٰ ڪئي ته بلوچستان مان نڪرندڙ گئس مان 80 سيڪڙو گئس سنڌ کي ملي رهي آهي، بلوچستان مان نڪرند گس جو 70 سيڪڙو ڪي پي صوبي ۾ ئي استعمال ڪيوم وڃي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *