Friday , March 29 2024

سنڌسماءَچار جي خبر سچي ثابت، 80 ايڪڙ سرڪاري زمين تي سفاري بلڊرز جو قبضو ثابت

ڊپٽي ڪمشنر ڪراچي اولهه بلڊر مافيا ۽ سرڪاري ملڪيتون ڦٻائيندڙن خلاف گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو

سفاري بلڊرز جا مالڪ سرڪاري رڪارڊ ۾ هيراڦيري ڪري زمينون ڦٻائڻ جو ماهر نڪتو

ڪراچي(رپورٽ: آفاق ڀٽي    سنڌسماءَچار) سنڌ سماءَچار جي خبر جو اثر، بلڊر مافيا کي بچائيندڙ ناڪام ٿي ويا، ڪراچي اولهه ضلعي ۾ 80 ايڪڙ سرڪاري زمين تي سفاري بلڊرز جو قبضو ثابت ٿي ويو آهي. تفصيلي رپورٽ مطابق سنڌسماءَچار ڪراچي اولهه ضلعي اندر اربين رپين جي قيمتي سرڪاري زمينن تي بلڊر مافيا جي قبضن بابت هلايل خبرن کانپوءِ ڊپٽي ڪمشنر ڪراچي اولهه معاملي جي جاچ شروع ڪئي، جنهن بعد سوين ايڪڙن تي قبضا ثابت ٿيا ۽ ڊي سي معاملي کي سنيجدگي سان وٺندي سرڪاري زمينن تي ٿيل قبضن، غير قانوني الاٽمينٽس ۽ دستاويزن ۾ هيراڦيري جي پاڻ به جاچ ڪري معاملو چيف سيڪريٽري سميت لاڳاپيل اختيارين تائين پهچايو.

ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ سماءَچار جي اسٽوري تي ڊي سي جاچ لاءِ اينٽي ڪرپشن، سروي ڊپارٽمينٽ سميت واڳيل اختيارين کي خط لکيو هو، جنهن کانپوءِ معاملي جي هيل تائين صرف سروي ڊپارٽمينٽ جاچ دوران ثابت ٿيو آهي ته ايم ڊي اي جي 80 ايڪڙ سرڪاري زمين تي دستاويزن جي هيراڦيري سان سفاري ايسوسئيٽس اينڊ بلڊرز جو قبضو ثابت ٿيو آهي. معام لي جي جاچ مان 50 ايڪڙ وڌيڪ سرڪاري زمين تي به قبضي جو انڪشاف ٿيو آهي. ڊي سي اولهه فياض عالم سولنگي جي جاچ لاءِ ڪيل خط ڪتاب تحت ڪيل جاچ ۾ سفاري بلڊرز 67 ايڪڙ 27 گهنٽا سرڪاري زمين تي قبضو ٿيل آهي. ڊي سي اولهه فياض سولنگي  پاران واڳيل اختيارين کي لکيل هڪ خط ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته، 13 ايڪڙ زمين گلشن معمار جي سيڪٽر ٽي اي ۽ سيڪٽر ايس ۽ ٽي جي منتقلي جي به جاچ ڪرڻ  جو چيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *