Thursday , April 25 2024

سمٽ بئنڪ مني لانڊرنگ جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي قائم

اسلام آباد( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) سپريم ڪورٽ جعلي اڪائونٽ ۽  سنڌ مني لانڊرنگ الزامن جي جاچ لاءِ ايف آءِ اي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر احسان صادق جي سربراهي ۾ جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي آهي، 6 رڪني جاچ ڪميٽي ۾  ايف بي آر، اسٽيٽ بينڪ، نيب، سيڪيورٽي ايڪسچينج ۽ آءِ ايس آءِ جا نمائندا شامل آهن. سپريم ڪورٽ  پاران جعلي اڪائونٽ ۽  مني لانڊرنگ الزامن جي جاچ لاءِ  جوڙيل 6 رڪني جي آءِ ٽي ۾  ايف بي آر جو عمران لطيف منهاس، اسٽيٽ بينڪ جو ماجد حسين، آءِ ايس آءِ جو شاهد پرويز ، نيب جو نعمان اسلم ۽ سيڪيورٽي ايڪسچينج جو محمد  اسلم شامل آهن. عدالت  ملڪ جي سمورن ادارن کي جاچ ٽيم سان سهڪار ڪرڻ جو حڪم ڏنو  ڏيندي چيو آهي ته جي آءَ ٽي جتي چاهي پنهنجو هيڊ ڪوارٽر ٺاهي سگهي ٿي ۽ انهن جي سيڪيورٽي رينجرز حوالي هوندي. عدالتي بيان موجب جاچ ٽيم ڪا به پريس رليز جاري نه ڪندي ۽ جيڪڏهن جاچ ٽيم تي ڪنهن به قسم جو دٻاءَ وڌو ويو ته ان جو عدالت جائزو وٺندي. ٻئي پاسي ايف آءِ اي جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي ڪارڪردگي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ ايف آءِ اي پاران وڌيڪ ٻن ڪمپنين جي انڪشاف جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.  ايف آءِ اي موجب آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ عذرا فضل پيچوهو لينڊ ماز ڪمپني جا شيئر هولڊر آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *