Wednesday , March 22 2023
uren

سعودي حڪومت عالمي دٻاءَ بعد صحافي جمال خاشقجي جي قتل جو اعتراف ڪرڻ جو فيصلو: امريڪي خابرو اداري جي دعويٰ

ڪراچي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) امريڪي خابرو اداري دعويٰ ڪئي آهي ته سعودي عرب صحافي جمال خاشقجي جي قتل جو اعتراف ڪرڻ جي تياري ڪري ورتي آهي، امريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو به سعودي عرب پهتل آهي، سي اين اين جي دعويٰ موجب سعودي اختياريون پومپيو سان ملاقاتن بعد اهڙو اعلان ڪري سگهن ٿيون. امريڪي خابرو اداري سي اين اين پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته سعودي اختياريون اعتراف ڪنديون ته صحافي جمال خاشقجي جاچ دوران مارجي ويو. پرڏيهي خابرو اداري پنهنجي رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو آهي ته جيڪو به صحافي جي قتل ۾ ملوث هوندو، ان کي ذميوار قرار ڏنو ويندو. هوڏانهن امريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو به سعودي عرب پهچي ويو، جتي هو صحافي جمال خاشقجي جي قتل بابت سعودي اختيارين سان ڳالهيون ڪندو.

About Asghar Azad

Check Also

افغانستان تي طالبان جو قبضو، صدر اشرف غني ساٿين سميت ملڪ ڇڏي ويو

Share this on WhatsApp ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) افغانستان تي طالبان هڪ ڀيرو ٻيهر قبضو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *