Friday , March 29 2024

سردار تيغو خان تيغاڻي کي گرفتار ڪرڻ جو اعلان ڊي ايس پي رائو کي مهانگو پيو

سردار تيغو خان تيغاڻي کي گرفتار ڪرڻ واري ڳالهه شهيد رائو شفيع الله کي مهانگي پلئه پئي، شڪارپور پوليس جي ڪجهه آفيسرز ۽ عملدارن جو ڏوهارين سان ٻِٽُ هجڻ جو شڪ

شهيد ڊي ايس پي رائو شفيع الله         –       سردار تيغو خان تيغاڻي

شڪارپور (خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) ڊي ايس پي خانپور رائو شفيع الله پاران اغوا جي الزام هيٺ سردار تيغو خان تيغاڻي کي گرفتار ڪرڻ وارو فيصلو مهانگو پلئه پيو،ڌاڙيلن تارگيٽ ڪري کيس شهيد ڪيو، ڳڙهي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ فنڪار جگر جلال سميت 5 ڄڻن جي آزادي لاءِ آپريشن دوران ڊي ايس پي رائو رفيع الله جي شهادت بابت اهم انڪشاف ٿيو آهي، سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق، شهيد ڊي ايس پي پاران جگر جلال کي بازياب نه ڪرائي سگهڻ جي صورت ۾ ڌاڙيلن جي پٺڀرائي جي الزام هيٺ سردار تيغو خان تيغاڻي کي گرفتار ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته سردار تيغو خان تيغاڻي کي گرفتار ڪرڻ واري فيصلي ئي ڊي ايس پي جي شهادت جو مک ڪارڻ آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته رائو شفيع الله کي ڌاڙيلن پوليس سان روايتي مقابلي دوران ناهي ماريو پر کيس ٽارگيٽ بڻائي شهيد ڪيو ويو آهي، شهيد کي نشانو بڻائڻ واري پاسي به معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي. ذريعن جي دعويٰ آهي ته پوليس ۾ ڪجهه ڪارين رڍن جيڪري ئي شڪارپور ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن خاص طور تي ڪچي ۾ ڪيو ويندڙ آپريشن ناڪام ٿيندو آهي، ان معاملي جي به هڪ جي آءِ ٽي ٺاهي جاچ ڪرائي وڃي ۽ ان جاچ ۾ ايس ايس پيز کان ويندي پوليس اهلڪارن تائين شامل هجن، جن کان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق شڪارپور ضلعي ۾ تمام گهڻو اثررسوخ رکندڙ ماڻهو ڏوهارين جي پٺڀرائي ڪندا آهن، ڊي ايس پي رائو شفيع الله جي شهادت به ان جي ڪڙي آهي، جڏهن هن سردار تيغو خان جي گرفتاري جي ڳالهه ڪئي ته کيس موت جي ننڊ سمهاريو ويو.

شڪارپور ۾ ڌاڙيلن جو راڄ،سنڌ پوليس لاچار بڻيل،ڳڙهي تيغو ۾ ڊي ايس پي شهيد

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *