Tuesday , April 16 2024

ساهيوال ۾ پوليس جو جڙتو مقابلو،14ورهين جي نينگري سميت 4ڄڻا دهشتگرد ڄاڻائي قتل

ساهيوال (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) ساهيوال ۾ سي ٽي ڊي پوليس جو جڙتو مقابلو، 14 ورهين جي نينگري ۽ هڪ عورت سميت 4 ڄڻا دهشتگرد ڄاڻائي قتل، وڏي وزير عثمان بوزرداري جي هدايت تي اهلڪار گرفتار، جي آءِ ٽي قائم، سي ٽي ڊي پنهن جا بيان ڦيرائيندي ڪڏهن چئني کي دهشتگردي قرار ڏئي پوليس جي فاقئرنگ ۾ مارجڻ ته وري ڪڏهن مقابلي دوران مارجيل ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجڻ جي دعويٰ سڄي معاملي کي شڪي ڪري ڇڏيو آهي. سي ٽي ڊي جي پهرين پڌرائي ۾ چيو ويو ته، ساهيوال ۾ جي تي روڊ تي ٽول پلازا وٽ سي ٽي ڊي ٽيم هڪ ڪار ۽ موٽر سائيڪل کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي ڪار ۾ سوار ماڻهن پوليس ٽيم تي فائرنگ ڪري ڏني، سي ٽي ڊي پنهنجي تحفظ لاءِ جوابي ڪارروائي ڪئي، جڏهن ته فائرنگ جو سلسلو ختم ٿيو ته 2 عورتن سميت 4 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 دهشتگرد فرار ٿي ويا.

ان سلسلي ۾ واقعي جي اکين ڏٺن شاهدن ميڊيا کي ٻڌايو ته، فائرنگ جو نشانو بڻيل گاڏي لاهور کان اچي رهي هئي، جنهن کي ايليٽ فورس روڪي فائرنگ ڪري ڏني، جڏهن ته گاڏي ۾ ويٺل ماڻهن ڪابه مزاحمت نه ڪئي. شاهدن وڌيڪ چيو ته گاڏي مان ڪوبه آپگهاتي جيڪٽ يا ڌماڪيدار مادو نه مليو آهي. موقعي تي موجود شهرين ٻڌايو ته گاڏي ۾ ڪپڙن سان ڀريل 3 ٿيلهن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه مليوجيڪي به پوليس پاڻ سان کڻي وئي. پوليس فائرنگ ۾ بچي ويل ٻارن کي پيٽرول پمپ وٽ ڇڏي وئي، جن ٻڌايو ته سندن والدين کي ماريو ويو آهي.

سي ٽي ڊي جي فائرنگ ۾ بچي ويل ٻارڙي اسپتال ۾ صحافين کي ٻڌايو ته اسان گاڏي تي چاچا جي شادي ۾ شرڪت لاءِ بوري والا ڳوٺ وڃي رهيا هئاسين ته سي ٽي ڊي اهلڪارن روڪي فائرنگ ڪئي. نينگر چيو ته، گاڏي ۾ سندس ٻن ننڍين ڀينرن کانسواءِ والد خليل، امڙ نبيلا، وڏي ڀيڻ اريبه ۽ والد جو دوست مولوي سوار هئا، جيڪي ٿڏي تي مارجي ويا. هن چيو ته، سندس والد پوليس اهلڪارن کي چيو ته اسان ڀاءُ جي شادي ڪاڄ ۾ شرڪت لاءِ بوري والا وڃي رھيا آھيون، توھان اسان کان پئسا وٺو، اسان کي معاف ڪريو پر اهلڪارن فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو.

وزير اعظم عمران خان پوليس مقابلي جو نوٽيس وٺندي وڏي وزير عثمان بوزدار کي فوري طور ساهيوال پهچڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته مقابلي ۾ حصو وٺندڙ سي ٽي ڊي اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پنجاب پوليس جي ترجمان موجب ساهيوال واقعي جي جاچ لاءِ گڏيل جاچ ٽيم جوڙي وئي آهي. پوليس ترجمان ٻڌايو ته جي آءِ ٽي ۾ آءِ ايس آءِ، ايم آءِ ۽ آءِ بي جا آفيسر به شامل هوندا، جڏهن ته جي آءِ ٽي 3 ڏينهن ۾ جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪندي. مارجي ويلن ۾ زال مڙس ۽ ڌي پڻ شامل آھن، جڏھن تھ ٽن ٻارڙن کي ھراسيل حالت ۾ اسپتال آندو ويو ھو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *