Friday , April 19 2024

سائين جي ايم سيد جي 118 هين سالگرهه اڄ ملهائي پئي وڃي

حيدرآباد (  رپورٽر  سنڌسماءَچار) اڄ سائين جي ايم سيد جي 118هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي، ڪمشنر حيدر آباد سائين جي ايم سيد جي سالگرهه ملهائڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي. جيئي سنڌ هلچل جي باني ۽ ننڍي کنڊ ۾ عالمي امن ۽ عدم تشدد جي علمبردار سائين جي ايم سيد جي اڄ 17 جنوري تي 118 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي ان سلسلي ۾سائين جي ايم سيد جي اباڻي شهر سن ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ، جيئي سنڌ محاذ ۽ سنڌ يوينائيٽيڊ پارٽي پاران ڌار ڌار سالگرهه جا جلسا ٿي رهيا آهن، جن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، جن کي صنعان خان قريشي، جلال محمود شاهه، زين شاهه ۽ رياض چانڊيو سميت ٻيا اڳواڻن به خطاب ڪندا. ايس يو پي پاران سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جي سلسلي ۾ صوفياڻي راڳ جي محفل ۾ فنڪارن پاران صوفياڻا ۽ قومي ڪلام پيش ڪيا، 17 جنوري سومر ڏينهن قومپرست اڳواڻ ۽ ڪارڪن سائين جي ايم سيد جي آخري آرامگاهه تي حاضري ڀري گلن جي ورکا ڪري شام جو ٿيندڙ جلسن ۾ شرڪت ڪندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *