Thursday , April 18 2024

رياست مدينه ۾ دنيا جو پهريون ادارو، جنهن جي ڪنهن به ذميوار خلاف ڪارروائي نه ٿيندي

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت دنيا ان پهرين اداري قائم ڪرڻ جو بل منظور  ڪرائي ڇڏيو جنهن جي چيئرمين ۽ ڊائريڪٽرز سميت ڪنهن به عملدار خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي سگهندي. ملڪ جي سڀ کان اعليٰ ايوان سينيٽ آف پاڪستان ” پاڪستان سي پيڪ اٿارٽي بل 2021 اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ڇڏيو آهي، بل تحت سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين، ميمبرن، ڊائريڪٽرز سميت ڪنهن به عملدار خلاف ڪا به قانوني ڪارروائي نه ڪري سگهبي. سي پيڪ اٿارٽي بل سينيٽ ۾ اپوزيشن جي مخالفت ۽ واڪ آئوٽ کانپوءِ ملڪ جي سڀ کان اعليٰ/مٿاهين ايوان ۾ وزيراعظم جي خاص معاون بابر پيش ڪيو ته اپوزيشن بابر اعواڻ پاران بل پيش ڪرڻ تي اعتراض  واريو، جنهن کانپوءِ بل تحريڪ انصاف جي سينيٽر ۽ سينيٽ ۾ قائد ايوان ڊاڪٽر شهزاد وسيم پيش ڪيو.

ڊاڪٽر شزهاد وسي بل پيش ڪيو ته پيپلزپارٽي جي سينيٽر ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو ته چين پاڪستان جو بهترين دوست ملڪ آهي، جيڪو هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جي ڪم آيو آيه، هن چيو ته حڪومت هي بل آخري وقت تي ايوان جي ايجنڊا ۾ شامل ڪري پيش ڪيو آهي انڪري بهتر ٿيندو ته هي بل سينيٽ جي لاڳاپيل  ڪميٽي ڏانهن اماڻيو وڃي، جنهن ڊاڪٽر شهزاد وسيم چيو ته هي بل انتهائي اهم نوعيت جو آهي انڪري ان کي هر حالت ۾ اڄ ئي ايوان ۾ پيش ڪري منظُور ڪيو وڃي، بل ڪميٽي ڏانهن موڪلجي يا اڄ ئي پيش ڪري منظوري ورتي وڃي ان لاءِ ايوان کان راءِ ورتي وڃي، جنهن تي سينيٽ چيئرمين ان تي راءِ ورتي جيڪا اڪثريت راءِ سان منظور ڪئي وئي جنهن به ڊاڪٽر شهزاد وسيم بل ايوان ۾ پيش ڪري منظور ڪرايو.

سي پيڪ اٿارٽي بل 2021 مطابق هن  بل کي چئلينج نه ڪري سگهبو، سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين، ميمبرن، ڪنسلٽنٽس، ملازمن توڙي اٿارٽي سان لاڳاپيل يا ان پاران قائم ٿيندڙ اخلاقي ضابطن بابت ڪٿي ب ه / ڪنهن به اداري وٽ قانوني ڪارروائي لاءِ پيش نه ٿو ڪري سگهجي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *