Friday , April 26 2024

رياست مدينه پاڪستان جو دارالخلافه اسلام آباد سرڪاري ملازمن ڪربلا بڻجي ويو

اسلام آباد(رپورٽر   سنڌسماءَچار) پگهارن ۾ واڌ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ وفاقي حڪومت جا ملازم سراپا احتجاج بڻجي  ويا، رياست مدينا جي دعويدار حڪومت گاڌي واري شهر ۾ اسلام آباد پوليس پرامن احتجاج ڪندڙ سرڪاري ملازمن تي لٺ بازي، ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال جو استعمال ڪري ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي  ڪوشش ڪئي، پوليس جي تشدد ۾ ڪيترائي ملازم زخمي به ٿي پيا. ملڪ جي راڄڌاني اسلام آباد ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندڙ سرڪاري ملازم جڏهن پاڪستان سيڪريٽريٽ پهتا ته ته اسلام آباد پوليس وفاقي گهرو وزارت جي هدايتن تي ملازمن مٿان ڪڙڪي پئي، پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ لٺ بازي ڪري کين ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران احتجاج ڪندڙ ملازمن پوليس مٿان پٿراءُ ڪيو ته پوليس اهلڪارن ڀڄي ويا. ملازمن پاڪستان سيڪريٽريٽ جي مک دروازي تي ڌرڻو هڻي سرڪاري آفيس ڏانهن ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي روڪي ورتو، ان دوران وفاقي وزير شبلي فراز کي به ملازمن روڪي پنهنجا مسئلا پيش ڪيا، ملازمن جو چوڻ آهي ته شبلي فراز به سندن مسئلا ٻڌا اڻٻڌا ڪري ڇڏيا ۽ ڪو به خاطر خواهه جواب ڏيڻ بدران روانو ٿي ويو، ملازمن جو چوڻ  آهي ته سندن پرامن احتجاج تي حڪمرانن تشدد ڪري سول آمريت جو ثبوت ڏنو آهي. جيستائين مطالبا منظور نه ڪيا ويندا ايستائين احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *