Friday , April 19 2024

رميش لال، ڪرشنا ڪماري ۽ درشن لال پاران رينا ۽ روينا جي والدين جي توهين

ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) رينا ۽ روينا سان جي والدين جي اقليتي اڳواڻن جي انسانيت سوز رويو ظاهر ٿي پيو، ملاقات دوران هندو برادري جي حقن جو علمبردار سڏائيندڙ سينيٽر ڪرشنا ڪماري، ايم اين ايز رميش لال ۽ درشن لال ملاقات دوران سندن چپليون لهرائين ڊرائنگ روم ۾ ويهاريو ويو. اهڙي تصوير سنڌسماءَچار هٿ ڪري ورتي آهي. ڏهرڪي مان ڪجهه ڏينهن اغوا بعد مذهب تبديل ڪرائي شادي ڪرايل ٻن ڀينرن جيڪي اڄڪلهه عدالتي حڪم تحت وفاقي حڪومت جي حفاظتي تحويل ۾ ڏنل آهن، انهن جي والدين سان پيپلز پارٽي جي سينيٽر ڪرشان ڪماري، درشن لال ۽ رميش لال اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي آهي. رينا ۽ روينا جي والد ۽ امڙ سان اقليتي برادري جي انهن اڳواڻن جي ملاقات واري تصوير www.sindhsamaachar.com هٿ ڪري ورتي آهي. تصوير ۾ واضح نظر اچي رهيو آهي ته، رينا ۽ روينا جي والد ۽ امڙ جڏهن ملاقات لاءِ ڊرائنگ روم ۾ ويٺل آهن ته سندن پير اگهاڙا آهن، جن کان چپليون ٻاهر ئي لهرايون ويون هيون.

رميش لال – سنڌسماءَچار فوٽو

تصوير ۾ نظر اچي رهيو آهي ته،  پيپلز پارٽي جي سينيٽر ڪرشان ڪماري، درشن لال ۽ رميش لال کي بوٽ/سينڊل پاتل آهن. اقليتن خاص طور تي هندو برادري جي نالي تي مخصوص سيٽن تي صوبائي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اعليٰ ايوان ۾ پ پ سميت سمورين سياسي پارٽين جي پليٽفارمز تان ايم پي ايز، ايم اين ايز ۽ سينيٽرز چونڊجندڙ پيپلز پارٽي جي سينيٽر ڪرشان ڪماري، درشن لال ۽ رميش لال به انهن سان اهڙو ئي ٻئي درجي جي شهرين وارو رويو اختيار ڪرڻ جو مثال سامهون اچي ويو آهي. پيپلز پارٽي جي سينيٽر ڪرشان ڪماري، درشن لال ۽ رميش لال  سميت مٿئين طبقي جي هندو سيٺين سميت سمورا ماڻهو هندو برادري جي غريب ماڻهن سان سماج جي ٻين طبقن پاران اختيار ڪيو ويندڙ رويو اختيار ڪري رهيا آهن.

درشن لال – سنڌسماءَچار فوٽو

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *