Thursday , April 15 2021
uren

رحمت الله ماڃوٺي: سنڌ جو سرڪش رُوح – يوسف جوکيو

رحمت الله ماڃوٺي: سنڌ جو سرڪش رُوح – يوسف جوکيو

ارسطو چيو ته ٻارن کي تعليم ڏيندڙ ٻار پيدا ڪندڙن کان وڌيڪ محترم آهن، ڇاڪاڻ ته والدين رڳو زندگي ڏين ٿا پر استاد انهن کي زندگي گهارڻ جو ڏانءُ سيکارين ٿا. وليم آرٿر اڃا به هڪ قدم اڳتي ويندي چوي ٿو ته: “عام رواجي استاد رڳو ٻڌائيندا آهن، سٺا استاد واضح ڪندا آهن، بهترين استاد مظاهرو ڪري ڏيکاريندا آهن ۽ عظيم استاد متاثر ڪندا آهن.”

توهان مون سا ريس ڪيو يا ساڙ، اهڙي ئي هڪ عظيم استاد جو شاگرد هئڻ جو اعزاز مون کي به حاصل آهي. سائين جن جو نالو عالم آشڪار، عالي مرتبت جناب رحمت الله ماڃوٺي صاحب آهي. سائين جن سان پهرين ملاقات 22 سال اڳ ڪراچي مان نڪرندڙ روزاني پڪار اخبار جي هيڊ آفيس ۾ ٿي. ڪيريئر جي پهرين اخبار ۽ پهريون انٽرويو هو. اقرار پيرزادي، انور پيرزادي جونيئر ۽ الطاف پيرزادي جهڙن پيارن دوستن اهي پٽيون پڙهائي موڪليو هو ته: “اڍائي هزار رپين کان گهٽ پگهار تي ڪم ڪرڻو ئي نه آهي، وڌ کان وڌ پگهار 3 هزار ٻڌائڻي آهي.”

رحمت ماڃوٺي صاحب ۽ انور ابڙو صاحب اخبار جا ڪرتا ڌرتا هئا. انور ابڙو صاحب انگريزي جي هڪ خبر ترجمو ڪرڻ لاءِ ڏني. منهنجي ڪيريئر جي اها پهرين خبر هئي ته: “پيپسي مڊل ايسٽ ۾ ڪوڪوڪولا کي مات ڏئي ڇڏي.” رحمت صاحب ترجمو ڪيل خبر ڏسڻ کانپوءِ پڇيو: “توهان جي خيال ۾ اسان کي توهان لاءِ ڪيتري پگهار مقرر ڪرڻ گهرجي. توهان جي ڊمانڊ ڇا آهي؟” مون دوستن جي پڙهايل پٽي ورجائيندي چيو ته:“سائين گهٽ ۾ گهٽ 3 هزار رپيا ته ملڻ گهرجي. وڌيڪ جيئن توهان کي مناسب لڳي.” رحمت صاحب پنهنجي چهري تي دنيا جهان جي سنجيدگي گڏ ڪندي چيو ته: “جيڪڏهن اسان توهان کي 37 سئو رپيا پگهار ڏيون ته ڇا توهان کي ان تي اعتراض هوندو؟”

منهنجي حالت ان وقت ڏسڻ وٽان هئي. وايون بتال ۽ مڪمل طور لاجواب. پهريون ڀيرو خبر پئي ته صدما ۽ شاڪس خوشگوار به ٿيندا آهن. انور ابڙو صاحب، علي حسن چانڊيو، فاروق سومرو ۽ ٻيا سينيئر دوست صورتحال جو ڀرپور مزو وٺندي مرڪي رهيا هئا. رحمت صاحب جي هن جملي جادوءَ جهڙو ڪم ڪيو، اهڙو جادو جنهن جي اثر مان اڄ تائين نه نڪري سگهيو آهيان. مون سان پيش آيل هي لقاءُ سنڌي پرنٽ ميڊيا ۾ رحمت صاحب جي پورهيت دوستي جو ضرب المثال بڻجي ويو. اقرار پيرزادي کي قصو ٻڌايو ته هو ٻئي هٿ پيٽ تي رکي کل ۾ ٻٽجي ويو ۽ چيائين ته: “يار رحمت صاحب پيٽ ڦاڙي ڇڏيو.” ٻلهڙيجي جا ماڻهو ڪنهن به دلچسپ صورتحال يا واقعي جي اثرن جو ذڪر ڪرڻ لاءِ “ پيٽ ڦاٽي پيا” جو اصطلاح استعمال ڪن ٿا.

rahmat

رحمت صاحب کي کلندي، کلائيندي، روئندي روئاريندي ۽ سخت ڪاوڙ ۾ به ڏٺوسين. روزاني جاڳو ۾ هڪ ڏينهن اوچتو دوستن ۾ دانهون پئجي ويون ته رحمت صاحب روئي پيو. سندس ڪمري ۾ ڊوڙندا پهتاسين. اخبار ۾ لڳل خبر ۽ تصوير ڏيکاريندي چيائين: “يار هي همراهه پنهنجي زال ۽ ٻار کي ماريو آهي. زال سان جهيڙو هيس، ڳالهه سمجهي ۾ اچي ٿي، پر هن معصوم ٻار جو ڪهڙو ڏوهه هو؟” ائين چوندي سندس اکين جا بند ٻيهر ڀڄي پيا. خبرن تي “گريه” واري اها روايت سنڌي ادارن ۾ سندس مداح اڄ به جاري رکيو پيا اچن. پڪار اخبار ۾ هڪڙو اردو اسپيڪنگ ٻارڙو آيو ۽ سين هڻندي چيائين ته پيءُ گذاري ويو آهي، امڙ بيمار آهي، ڪجهه مد ڪريو. رحمت صاحب هن کي ويهاري اهو ليڪچر ڏنو ته هو در در وڃي پنڻ بدران اخبار جو هاڪر ٿي وڃي. پنهنجي کيسي ۾ موجود سمورا پئسا ڪڍيا ۽ ڊيسڪ تي ويٺل دوستن کان به چندو ڪري شايد 7-8 سئو رپيا ڪري ڏنا ۽ ٻئي ڏينهن کان اخبارون کڻڻ لاءِ چيو. ان دور ۾ اسان جهڙن ماڻهن لاءِ اها تمام وڏي رقم هئي. ڪجهه سالن بعد رحمت صاحب ٻڌايو ته اهو ٻارڙو روزگار سان لڳل هو ۽ ايترو مستحڪم ٿي چڪو هو جو رحمت صاحب کي ڳولي هٿ ڪيائين، هو پئسا موٽائي ڏيڻ آيو هو.

رحمت صاحب کي جڏهن ڪنهن تي سخت ڪاوڙ ايندي هئي ته ان ماڻهوءَ جي “نڪ ۾ ڪيف وجهي” مثانو خالي ڪرڻ جي ڳالهه ڪندو هو. اسان کان ٽهڪ نڪري ويندا هئا ۽ کجائڻ لاءِ پڇندا هئاسين ته سائين ڪيف وجهي ڇو، جواب ۾ چوندو هو ته: “هڪ قطرو به ضايع نه ٿئي.” رحمت صاحب جا ون لائينر انتهائي خطرناڪ ۽ تير بهدف ۽ حاضر دماغي به ڪمال جي آهي. ڪي ٽي اين نيوز ۾ گڏ ڪم ڪرڻ دوران هڪ ڀيري ڏاڪڻ تان هيٺ لهندي رحمت صاحب ملي ويو. مون کيس صلاح هڻندي چيو ته: “سر هلو ته هيٺان ماني کائي اچون!” رحمت صاحب مرڪندي چيو: “يوسف، آئون هيٺان ماني ڪو نه کائيندو آهيان.” موقعي تي موجود دوست ڏاڍو کليا ۽ اڃا تائين اهو جملو چئي چيڙائيندا آهن. رحمت صاحب هڪ ڀيري صدر ۾ بس اسٽاپ وٽ مليو، چيائين اڃا شادي نه پيو ڪرين، مون چيو سر مڱڻي ٿي وئي آهي، انشاءَ الله ڪجهه مهينن ۾ شادي به ڪبي، چيائين: “يار لڳي ٿو ته تنهنجي مڱڻي به لي مارڪيٽ ويندڙ هن يو ون بس جيان آهي، جنهن جي انتظار ۾ مان بيٺو آهيان. يو ون کان اڳ جيڪڏهن ڪا ٻي بس اچي وئي ته مان ان ۾ چڙهي پوندس.” هن جملي روح جي گهرائي تائين متاثر ڪيو ۽ مون ڪنهن ٻي بس ۾ چڙهڻ بدران پنهنجي زندگيءَ جي يو ون بس کي ئي پڪڙيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته اها يو ون هاڻي نه رهي آهي ۽ آئون اسٽاپ تي ٻيهر اڪيلو بيٺل آهيان.

رحمت الله ماڃوٺي چوٽيءَ جو لکاري، ڪاميڊين، ڊراما نويس ۽ اداڪار آهي. هن جي فن ۽ فڪر تي ڳالهائڻ وڏن لکارين ۽ نقادن کي ئي سونهين، مون هي ٻه چار اکر ساروڻين جا رڳو هڪ ننڍڙي ڀيٽا طور ۽ اهو ٻڌائڻ لاءِ لکيا آهن ته رحمت هڪ شخصيت طور ڪير آهي. منهنجي نظر ۾ هو هڪ شخصيت يا فرد کان وڌيڪ هڪ ادارو ۽ اڪيڊمي آهي، جنهن اسان جهڙن ڪيترن ئي ماڻهن جون زندگيون ۽ زندگي بابت نظريا تبديل ڪري ڇڏيا. رحمت کي “مٿي ڦريو” ۽ “هوڏي” سڏيندڙ اخباري سيٺيا ۽ هٽ واڻيا ڇا ڄاڻين ته رحمت ڪير آهي ۽ هن جو ڪيليبر ڇا آهي. خبر آهي ته رحمت سمجهوتا نه ڪرڻ ۽ پنهنجي سرڪشي سبب جام ڀوڳيو آهي ۽ اڃا به ڀوڳي رهيو آهي. پر اسان کي سندس ان سرڪشي سان پيار آهي، ڇاڪاڻ ته اها کيس ٻين کان منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.

About Asghar Azad

Check Also

پنج جولائي 1977_ تاريخ جي آئيني۾ _ تصور باقي

Share this on WhatsApp 1977جي مارشل لا تاريخ جي آئيني۾  تصور باقي ڀٽي صاحب جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *