Friday , April 19 2024

رابطا ڪميٽي فاروق ستار کي پارٽي مان نيڪالي ڏئي ڇڏي

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي رابطه ڪميٽي ڊاڪٽر فاروق ستار جي پارٽي جي بنيادي ميمبرشڦ ختم ڪندي کيس متحده مان نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي، فاروق ستار رابطا ڪميٽي کي بزدلاڻو فيصلو قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي، رباطا ڪميٽي جو چوڻ آهي ته،فاروق ستار کي پارٽي ضابطن جي ڀڃڪڙينيڪالي ڏني وئي آهي. ڪراچي ۾ ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فاروق ستار پاران پارٽي ضابطن ۽ آئين جي ڀڃڪڙي ڪرڻ واري معاملي تي غور ويچار ڪيو ويو. رابطا ڪميٽي اڳوڻي ڪنوينر فاروق ستار جي رڪنيت ختم ڪندي ميمبرن کي هدايت جاري ڪئي ته فاروق ستار سان ڪنهن به قسم جو رابطو قائم نه رکيو ويندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪنهن به ميمبر فاروق ستار سان رابطو قائم ڪيو ته سندس پارٽي ميمبرشپ معطل ڪئي ويندي. متحده ترجمان چيو آهي ته ڊاڪٽر فاروق ستار پاران پارٽي ضابطن، آئين جي ڀڃڪڙي ۽ پارٽي خلاف سرگرمين ۾ ملوث هئڻ تي سندس رڪنيت ختم ڪئي.

پارٽي مان نيڪالي ملڻ کانپوءِ ڊاڪٽر فاروق ستار پنهنجي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته، سندس ڏوهه صرف اهو آهي ته مان پارٽي اندر ڪرپشن خلاف آواز اٿاريو ۽ وسيم اختر کان 9 ارب رپين جو حساب ڪتاب گهريو. فاروق ستار چيو ته، بهادر آباد وارن ۾ ايتري به همٿ نه ٿي سگهي ته مونکي پارٽي مان ڪڍڻ بابت پريس ڪانفرنس ڪن ها، هنن مونکي ڪو به نوٽيس جاري ڪرڻ ۽ ٻڌڻ کانسواءِ پريس ريليز جاري ڪري پارٽي مان ڪڍيو. هن چيو ته متحده سان منهنجو 39 سالن جو رشتو آهي، پارٽي اڳواڻ کي ڪارڪنن جي مرضي کانسواءِ نه ٿو ڪڍي سگهجي. مون پهريان به چيو هو ته پارٽي جي انهن ماڻهن جو مون سان تڪرار ڪامران ٽيسوري نه هو، پر اصل حقيقت اها آهي ته پارٽي فنڊز ۽ خرچن جو حساب لڪتاب گهريو، پارٽي اڳواڻن کي ڪرپشن ڪرڻ کان روڪيو اهو ئي منهنجو ڏوهه آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *