Thursday , March 28 2024

رائو انوار سان اهم شخصيت پاران ملاقات جي خواهش،جي آءِ ٽي سربراهه ٻڏتر جو شڪار

ڪراچي( اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) نقيب الله قتل ڪيس جي مک جوابدار ۽ ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار سان اهم شخصيت پاران ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي وئي آهي، جنهن بعد جي آءِ ٽي ٻڏتر جي ور چڙهي وئي آهي. سنڌسماءَچار کي سنڌ پوليس جي اعتماد جوڳن ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب؛ رائو انوار جي ڪراچي منتقل ٿي وڃڻ کانپوءِ هڪ اهم شخصيت ساشن ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي آهي، اهڙو پيغام هڪ صوبائي وزير جي معرفت جي آءِ ٽي جي هڪ ميمبر کي پهچايو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، رائو انوار کان نقيب قتل ڪيس بابت جاچ ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم / جي آءِ ٽي جي سربراهه اي آءِ جي آفتاب پٺاڻ ان شخصيت کي رائو انوار سان ملاقات ڪرائڻ يا نه ڪرائڻ بابت ٻڏتر جو شڪار آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، جي آءِ ٽي سربراهه ٽيم ۾ شامل هڪ ميمبر کان لهرائي رهيو آهي ته، ڪٿي اُهو ان ملاقات واري معاملي تي ڪو مسئلو کڙو نه ڪري وجهي.

لاڳاپيل خبرون

نيٺ رائو انوار سنڌ پوليس ۽ ٻين جون پريشانيون ختم ڪري پاڻمرادو سپريم ڪورٽ آڏو پيش

رائو انوار جي گرفتاري کانپوءِ اهم شخصيت سان ملاقات بعد ڪراچي منتقل

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *