Thursday , March 28 2024

دوڪان کي باهه لڳي وئي لکين رپين جو سامان سڙي رک

دادلغاري (عبدالحنان لغاري سنڌ سماءَچار)  داد لغاري ۾ واپاري جي دڪان کي شارٽ سرڪٽ سبب  دڪان ۾ پيل ڦٽين کي باھ لڳي وئي پنج مڻ ڦٽي سڙي ويون ماڻھن پهچي پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ وسائي. دادلغاري ٽيڪي اسٽينڊ ويجهو واپاري سيٺ انيڪل ڪمار جي ڦٽين واري دڪان ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب  باھ لڳي وئي باھ جو شولا دڪان ۾ رکيل ڦٽي مٿان ڪريا ته باھ دڪان کي وڪوڻڻ لڳي چوڪ تي موجود ماڻھن پهچي وڏي جهدوجهد ڪري باھ وسائي ورتي باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ پنج مڻ ڦٽيون سڙي خاک ٿي ويون باھ سبب شھر جي ماڻھن ۾ خوف طاري ٿي ويو باھ لڳڻ جي اطلاع ڏيڻ تي فائيربرگيڊ نه پهتي.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *