Thursday , March 28 2024

دادو: آصف زرداري ملڪي سطح جي پارٽي سان اهڙو حشر ڪيو جيڪو ڪو آمر به نه ڪري سگهيو: عمران خان

Imran-Khan6

سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي آخرڪار پي ٽي آءِ ۾ باقائدگي سان پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، دادو ۾ لياقت جتوئي جي ميزباني هيٺ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪري ڇڏيو آهي.

دادو ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان چيو ته، آصف زرداري چوندو آهي ته، مونکي /عمران خان کي سياست نه ٿي اچي. پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته، آصف زرداري جي سياست اهڙو ڪم ڪيو جيڪو ڪو به آمر ۽ ڊڪٽيٽر به نه ڪري سگهيو، آصف زرداري جي سياست ملڪي سطح جي پارٽي کي هڪ صوبي تائين محدود ڪري ڇڏيو، عمران خان چيو ته “منهنجي الله جي در تي دعا آهي ته مونکي اهڙي سياست کان بچائي”.

عمران خان چيو ته، آصف زرداري جي سياست اها آهي جو سندس پارٽي جو اڳوڻو وفاقي وزير ساچا ڇهه سئو ارب رپين جي ڪرپشن ۾ گرفتار ٿي، ايان علي 5 لک ڊالر پرڏيهه کڻي وڃي رهي هئي، جيڪي زرداري جا هئا، سنڌ جو صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جيڪو هاڻي وزير ناهي رهيو اهو ساڍا 6 ارب رپين جي ڪرپشن ڪري هاڻي اسپتالن ۾ لڪندو ٿو وتي.

هن چيو ته پاناما مامري جي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جا ٻه جج چٽو ڪري ڇڏين ٿا ته نواز شريف صادق ۽ امين ناهي رهيو کيس ڊينوٽيفاءِ ڪيو وڃي ۽ سپريم ڪورٽ جا 3 جج چون ٿا ته نوازشريف ۽ سندس خاندا جي ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جي اڃا وڌيڪ جاچ ٿيڻ گهرجي. پر ن ليگ وارا هنبوڇيون هڻندا وتن ٿا، بغليون وڄائي مٺايون ورهائيندا ٿا وتن، کين ڪو به شرم حياءُ نه ٿو ٿئي.

dadu imran1

هن چيو ته نواز شريف مجرم آهي ۽ ڪو به مجرم ملڪ جو وزيراعظم نه ٿو بڻجي سگهي، نواز شريف کي هرحالت ۾ استعيفيٰ ڏيڻي پوندي. هن چيو ته نواز شريف ۽ عمران خان ۾ 2013 کان وٺي ڳٺ جوڙ آهي، جن طئه ڪيو هو ته ن ليگ پنجاب ۽ پ پ سنڌ ۾ هوندي. ن ليگ پنجاب ۾ ڌانڌلي ڪئي ۽ زرداري سنڌ ۾ ڌانڌليون ڪرايون.

ان موقعي تي لياقت جتوئي چيو ته نواز شريف سنڌ جي ماڻهن سان ڌوڪو ڪيو، نواز وعدو ڪيو هو ته هو سنڌ جا مسئلا حل ڪندو پر هُن مسئلا حل ڪرڻ بدران سنڌ جي ماڻهن کي آصف زرداري جي ڪرپٽ ٽولي جي حوالي ڪري ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *