Friday , April 19 2024

خيرپور کانپوءِ لاڙڪاڻو پوليس به ماڻهو مار مهم تي نڪتل، آءِ جي سنڌ خاموش

لاڙڪاڻو( رپورٽر سنڌ سماءَچار)  خيرپور پوليس پاران ڏوهارين/شڪي جوابدارن کي جڙتو پوليس مقابلن ۾ ماڻهو مارڻ واري روايت کانپوءِ لاڙڪاڻو پوليس به گرفتار جوابدارن کي ٿاڻن اندر تشدد ڪري مارڻ واري مهم شروع ڪري ڏني آهي. لاڙڪاڻي جي باقراڻي تعلقي جي ٿاڻي الاهي بخش سيال پوليس هٿان ڪجهه ڏينهن اڳ چوري ڪيس جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل 16 ورهين جي جوابدار کي لاڪ اپ اندر پوليس تشدد سبب مري ويو. وارثن جي احتجاج بعد ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ايس ايڇ کي معطل ۽ رورٽ ڪري ڇڏيو آهي. ڳوٺ فريد آباد مان دوڪاندار عبدالغفار سيال ۽ عبدالجبار سيال جي دڪان کي کاٽ هڻي چوري واري واقعي جي ڪيس ۾ شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيل سيد ڪاشف شاهه ۽ 12 ورهين جي نينگر سيد رميز شاهه کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو. وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس کين اطلاع ڪيو ته سندن نوجوان ڪاشف شاهه کي الائي ڇا ٿي ويو آهي فوري طور تي پهچو. هنن ٻڌايو ته جيئن ئي هو ٿاڻي تي پهتا ته پوليس ڪاشف جو لاش سندن حوالي ڪيو.

هنن چيو ته پوليس کين ٻڌايو ته ڪاشف آپگهات ڪئي آهي. پر اصل ۾ ڪاشف پوليس تشدد سبب فوت ٿيو آهي. ڪاشف شاهه جي وارثن حبيب الله شاهه ، سيد فريد شاهه  ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته، هُو لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال پهتا ۽ ڊاڪٽرن نوجوان جي فوت هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. وارثن سيد حبيب الله شاهه ، سيد شفيق الرحمان شاهه ، سيد جاني شاهه، سيد لياقت شاهه، سيد فريد شاهه صحافين سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته شهيد الاهي بخش سيال ٿاڻي جي پوليس چوري جي الزام هيٺ اسان جي نوجوان سيد ڪاشف شاهه کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو ۽ سندس آزادي لاءِ 20 هزار روپيه رشوت گهري جيڪي نه ڏيڻ تي پوليس نوجوان  مٿان بي رحماڻو تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي ، هنن ايس ايس پي لاڙڪاڻو ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته هن واقعي جي اڻ ڌري جاچ ڪرائي شهيد الاهي بخش سيال ٿاڻي جي پوليس توڙي فريد آباد واسي دڪاندارن عبدالغفار سيال ۽ عبدالجبار سيال خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.  وارثن جي احتجاج تي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عبدالله شيخ کي شهيد الاهي بخش سيال ٿاڻي جي ايس ايڇ او اقبال ڪانڌڙو ۽ ٻين ملوث عملدارن کي معطل ڪري ايس ايڇ او کي رورٽ ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڊي آءِ جي جي حڪم باوجود ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

لاڙڪاڻي ۾ وطن دوست مزدور فيڊريشن جو رائيس ملز جي پورهيتن جي حقن لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) وطن دوست مزدور فيڊريشن جي سڏ تي لاڙڪاڻي سميت مختلف ضلعن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *