Thursday , March 28 2024

خيرپور پوليس پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري ۽ نوجوان کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو

خيرپور (خاص نمائندو  سن ڌسماءَچار )  پير جو ڳوٺ ۾ پوليس ڳوٺ غازي چانڊيو تي چڙهائي ڪري پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، وارثن جو چوڻ آهي ته سندن ن وجوان ڪراچي واسڻ ناري سان پسند جو پرڻو ڪيو هو، پوليس کيس کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، کين بازياب ڪرائي زندگيون بچايون وڃن. خيرپور پوليس پير جو ڳوٺ ويجهو ڳوٺ غازي خان ۾ هڪ گهر تي چڙهائي ڪري 10 ڏينهن اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ حبدار چانڊيو ۽ سعيد آباد واسڻ ناري ناديه چانڊيو حيدر آباد جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو هو، جنهن بعد هُو ڳوٺ آيا هئا. جوڙي جي وارثن موجب نوجوان جي ڀاءُ حبدار چانڊيو جو چوڻ هو ته، گذريل ڏينهن ڪراچي جي پوليس خيرپور پوليس سان گڏجي سندن ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي ۽ جوڙي کي کنڀي وئي، راهب چانڊيو چيو ته کين خدشو آهي ته پوليس بااثر ماڻهن سان ملي ٻنهي کي قتل ڪري ڇڏيندي، تنهنڪري معاملي جو نوٽيس وٺي ٻنهي کي آزاد ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته انهن قانون موجب پسند جي شادي ڪئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *