Thursday , April 25 2024

خيرپور ضلعي ۾ سرڪاري ملڪيتن تي قبضا، پ پ ۽ ف ليگ اڳواڻ هڪ ٿي ويا

خيرپور ضلعي ۾ سرڪاري ملڪيتن تي قبضا، پ پ ۽ ف ليگ اڳواڻ هڪ ٿي ويا عدالتي حڪم باوجود خيرپور جي ضلعي انتظاميا غريبن جا اجها پٽ ڪري ڇڏيا، بااثر سياستدانن آڏو بيوس بڻجي وئي

ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز سميت بااثر ماڻهن جا بنگلا صرف سيل ڪري کين تحفظ مهيا ڪرڻ لڳي، فنڪشنل ليگ ۽ پيپلزپارٽي جا بااثر سياستدان ۽ سندن اڳواڻ توڙي حمايتي به هڪ ٿي ويا

ڪراچي / خيرپور ( رپورٽ: اصغر آزاد / خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) عدالتي حڪم باوجود خيرپور جي ضلعي انتظاميا غريبن جا اجها پٽ ڪري ڇڏيا، بااثر سياستدانن آڏو بيوس بڻجي وئي، ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز سميت بااثر ماڻهن جا بنگلا صرف سيل ڪري کين تحفظ مهيا ڪرڻ لڳي، فنڪشنل ليگ ۽ پيپلزپارٽي جا بااثر سياستدان ۽ سندن اڳواڻ توڙي حمايتي به هڪ ٿي ويا. سپريم ڪورٽ توڙي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن کانپوءِ ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد، ميرپور خاص ۽ سکر ڊويزنز ۾ سنڌ حڪومت جي ملڪيتن تي ٿيل قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ گذريل ڪجهه مهينن کان انتظاميا اڏاوتون ڊاهي رهي آهي. انتظاميا عام ماڻهن جا گهر، شهرن ۾ دوان توڙي شرهن مان ريڙها به هٽائي رهي آهي، پر بااثر ماڻهن کي مختلف بهانن سان ريليف ڏنو پيو وڃي.

ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، ٻين ضلعن جيان خيرپور شهر سميت ضلعي جي سمورن تعلقي هيڊ ڪوارٽرز ۽ مک شهرن ۾ به آبپاشي، روينيو، صحت، تعليم ۽ پبلڪ هيلٿ سميت مختلف کاتن جي سرڪاري ملڪيتن تي ، سڄي سنڌ جيان خيرپور ضلعي ۾ به عدالتي حڪم تحت آبپاشي، صحت ۽ تعليم کاتي سميت سمورين سرڪاري ملڪيتن تان غيرقانوني اڏاوتن ڊاهڻ خلاف آپريشن دوران طاقتور ماڻهن کي مڪمل طور تي رليف مهيا ڪيو پيو وڃي. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق خيرپور شهر ۾ آبپاشي کاتي سميت مختلف کاتن جي زمينن، ڪوارٽرز/ گهرن تي بااثر ماڻهن سرڪاري کاتن جي جي ڪامورن ۽ آفيسرز جي نالي تي الاٽ ڪرايل بنگلا توڙي ننڍا گهر/ ڪوارٽرز ڪيترن ئي سالن کان  بااثر سياستدانن ۽ انهن جي عزيزن جي استعمال هيٺ آهن، جن جي نئين وڏي  پئماني تي نئين سري سان اڏاوت به ڪئي وئي آهي، نالي ماتر انهن جا ڪجهه حصا اڏاوتي اصل صورت ۾ آهن پر مرمت جي نالي تي انهن کي وڌايو ويو آهي. گذريل ڪجهه ڏينهن دوران خيرپور شهر ۾ آبپاشي کاتي جي ملڪيتن تي ٿيل قبضا ختم ڪرائڻ ۽ اڏاوتون ڊاهڻ جو آپريشن ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ رڪارڊ جي پورائي لاءِ بي پهچ ماڻهن جون ٿيل اڏاوتون ڊاٿيون ويون آهن يا وري انهن جي ڪجهه حصن کي ڊاٿو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آبپاشي کاتي جا بنگلا جيڪي مختلف آفيسرن جي نالي تي الاٽ ڪيل بنگلا  پيپلزپارٽي خيرپور جي باثر وساڻ خاندان جي ايم پي ايم منور وساڻ، ايم اين اي سيد جاويد شاهه جيلاني ۽ ايم پي اي نعيم کرل سميت ٻين بااثر سياسي ماڻهن توڙي سندن حمايتين جي استعمال هيٺ آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ انهن بااثر سياستدانن ضلعي انتظاميا خاص طور تي آٻپاشي کاتي جي ڪامورن جي ملي ڀڳت سان قبضي ڪيل بنگلا خالي ڪرائڻ ۽ اضافي ڪيل اڏاوتون ڊاهڻ بدران انهن کي سيل ڪيو ڪيو ويو آهي. جيئن ڪجهه وقت گذرڻ بعد ماحول ٿڌو ٿيڻ بعد ساڳيو بااثر ماڻهن کي آساني سان استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.خيرپور ضلعي جي سمورن تعلقن فيض گنج، ٺري ميرواهه، ڪوٽڏيجي سميت سمورن تعلقي هيڊ ڪوارٽرز، مک ڪاروباري شهرن ۾ سرڪاري ملڪيتين خاص طور تي آبپاشي، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، پراونشنل هاءِ ويز / روڊس کاتي جي ملڪيتين، پراڻن ڊاڪ بنگلن، ريسٽ هائوسز ۽ ٻين ملڪيتن تي ٿيل قبضن هٽائڻ کان بچائڻ لاءِ پيپلزپارٽي ۽ فنڪشنل ليگ جي اڳواڻن، سندن حمايتي مقامي اڳواڻن ۽ بااثر ڪارڪنن جا ڪيل قبضا بچائڻ لاءِ  هڪ ٿي ويا آهن. فنڪشنل ليگ خيرپر سان واسطو رکندڙ هڪ اڳواڻن جي ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن جو مختلف اڳواڻن سان رابطو آهي ۽ انهن جون غيرقانوني اڏاوتون ڊهڻ کان بچائڻ لاءِ خاطريون ڪرايون آهن، پ پ اڳواڻن فنڪشنل ليگ کان فيض گنج، ٺري ميرواهه، گمبٽ، ڪنگري، سوئي گئس ۽ باغ بچراهه وارن علائقن ۾ نه رڳو سرڪاري ملڪيتون، ڪجهه قيمتي زمينون به بچائڻ لاءِ سهڪار عويض خاموشي سان ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ به پ پ جي مدد ڪرڻ جو شرط رکيو آهي. (ڊولپنگ اسٽوري)….

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن باوجود خيرپور جي ضلعي انتظاميا بااثر بلڊر آڏو بيوس

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *