Wednesday , April 24 2024

خيرپور ضلعي ۾ آبپاشي کاتو بااثر سياستدانن ۽ ڪامورن جي جاگير بڻجي ويو

خيرپور / فيض گنج ( خاص نمائندو/ رپورٽر   سنڌسماءَچار)  خيرپور ضلعي ۾ آبپاشي کاتو بااثر سياستدانن ۽ ڪامورن جي جاگير بڻجي ويو، پاڻي چوري، واهن ۽ شاخن جي ڪپرن ۽ انهن اندران مٽي ڪڍڻ منافعي بخش ڪاروبار سان گڏ ويهو واهه آبپاشي کاتي جي ڪامورن ۽ بااثر سياسي ماڻهن لاءِ سوني جهرڪي بڻيجي ويو. خيرپور ضلعي جي واهن ۽ شاخن مان آٻپاشي کاتي جي عملدارن جي ملي ڀڳت سان پاڻي چوري، واهن شاخن ۽ واٽر ڪورسز / ڪڙين جي ڪپرن توڙي انهن اندران مٽي ڪڍي وڪرو ڪرڻ جو ڪاروبار جاري آهي. فيض گنج تعلقي جي ويهو واهه مان لفٽ مشينو لڳائي پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي، پر آبپاشي کاتي جو ايس ڊي او عبدالغني شر سميت سمورو عملو سياسي پٺڀرائي سبب آبادگارن جون شڪايتون ٻڌڻ لاءِ به  تيار ناهي.ابپاشي عملدارن جي مدد سان ويهو واهه جي آر ڊي 17 ۽ 18 تي واٽر ڪورس نمبر 7 سومر زرداري واري پيچ تان بااثر زميدار حاجي حڪيم قمبراڻي ڏينهن ڏٺي جو ديدا دليري سان واهه تي سڌي لفٽ مشين هڻي پاڻي چوري ڪري رهيو آهي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته حاجي حڪيم قمبراڻي بابت جڏهن ايس ڊي او عبدالغني شر کي پاڻي چوري جي شڪايت ڪئي وئي ته هن سندس خلاف ڪارروائي کان کُتو جواب ڏئي ڇڏيو، علائقي جي آبادگارن الزام هڻندي چيو ته ايس ڊي او عبدالغني شر شڪايت ڪرڻ تي چيو ته لفٽ مشينو آبپاشي  کاتي جي صوبائي وزير سهيل انور سيال، سيڪريٽري ۽ چيف انجنيئر جي مرضي سان لڳايون ويون آهن. فيض گنج جي آبادگارن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثر زميندارن ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري پاڻي چوري روڪي وڃي ۽ بي پهچ آبادگارن کي پاڻي مهيا ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *