Thursday , April 25 2024

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن باوجود خيرپور جي ضلعي انتظاميا بااثر بلڊر آڏو بيوس

خيرپور( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن باوجود خيرپور جي ضلعي انتظاميا ۽ بلڊنگس کاتو بااثر بلڊر خلافڪارروائي ڪرڻ کان لاچار بڻيل، غيرقانوني طريقي سان الاٽ ڪرايل سرڪاري ملڪيتن تي قبضا برقرار، خيرپور  شهر جي مال روڊ تي سرڪاري ملڪيت بلڊنگس کاتي جي ڪامورن ۽ بااثر سياسي شخص امداد منگي کي الاٽ ڪيل  گلستان منزل -2 تي پلازا اڏائي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن باوجود خيرپور جي ضلعي انتظاميا ۽ بلڊنگس کاتي سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪندي پيپلزپارٽي جي اڳواڻن جي منظور نظر امداد منگي کي مختلف طريقن سان بچائڻ وارين ڪوششن جو انڪشاف ٿيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر ۾ سرڪاري ملڪيت تان چئن مهينن اندر قبضا ختم ڪرائڻ واري حڪم تي عمل نه ٿي سگهيو. ذريعون جو چوڻ آهي ته ڊي سي خيرپور، بورڊ آف روينيو، آبپاشي ۽ پرووينشنل بلڊنگس کاتي جي عملدارن جي ملي ڀڳت سان خيرپور شهر جي قيمتي ۽ ڪاروباري علائقي مال روڊ تي موجود سرڪاري ملڪيتون بااثر ماڻهن کي الاٽ ڪيون ويون آهن. خيرپور شهر جي مال روڊ  سرڪاري بنگلي جيڪو گلستان منزل ٽو بااثر ٺيڪيدار، پيپلزپارٽي ۽ فنڪشنل ليگ خيرپور جي اڳواڻن جي منظور نظر بلڊر امداد منگي سرڪاري ملڪيت تي ٽي ماڙ عمارت ٺهرائي ڇڏي، ذريعين جو چوڻ آهي ته امداد منگي ان قبضي واري سرڪاري ملڪيت کي سرڪاري ملڪيتن تي قبضن واري فهرست مان ڪڍڻ لاءِ هن پنهنجو سياسي اثر رسوخ به استعمال ڪيو، جنهن ۾ خيرپور ضلعي انتظاميا سان گڏ لاڳاپي سمورن کاتن جي ضلعي عملدارن به ساڻس ٻِٽُ بڻيل رهيا آهن.سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق اها ملڪيت بااثر شخص بلڊر ۽ ٺيڪيدار امداد منگي جي ڀيڻ جي نالي تي الاٽ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ان جي مالڪي حميد منگي سميت ساڳئي ڪٽنب جي مختلف ماڻهن جي نالن تي ڦرندي رهي، ان دوران امداد منگي ان سرڪاري بنگلي / ملڪيت کي ڊهرائي پلازا ٺاهيو ويو. ڪامورن جي مدد سان ئي اماد منگي عدالت ۾ به هڪ درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن جي شنوائي ايندڙ هفتي ٿيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ان سرڪاري ملڪيت جي دستاويزن ۾ هيراڦيري جو مک ڪردار آبپاشي کاتي جو سب انجنيئر محمد اسلم آهي، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته خيرپور ضلعي جي سمورن تعلقن، خاص طور تي گمبٽ، ٺري ميرواهه، فيض گنج، تعلقن جي ننڍن وڏن شهرن ۾ آبپاشي، هيلٿ، ايجوڪيشن، روڊس ۽ پبلڪ هيلٿ کاتن جي ملڪيتن جي رڪارڊ ۾ وڏي پئماني تي هيراڦيري ٿيل آهي. ( ڊيولپنگ اسٽوري، امداد منگي جي مائنز اينڊ منرلز کاتي ۾ ٺيڪن جا به تفصيل شامل هوندا)

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *