Thursday , March 28 2024

خورشيد شاهه، نعمان اسلام ۽ فرخ شاهه کي ناڪامي جو خوف، ايم ڪيو ايم سان رابطا

سکر ( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي لاءِ سکر جي ٻن قومي اسيمبلي جي سيٽن سميت 3 سيٽون بچائڻ لاءِ مونجهارا وڌي ويا آهن، اڳوڻي اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه، نعمان اسلام شيخ ۽ سيد فرخ شاهه کي مخالف اميدوارن سوڙهو ڪري وڌو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ خورشيد شاهه سميت پ پ پ سنڌ جي قيادت پريشان ٿي  وئي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ پ ايم ڪيو ايم کان مدد وٺڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن، پر اڃا تائين کين ڪو به مثبت جواب ناهي مليو. سکر ۾ اليڪشن جي حوالي سان سياسي سرگرمين دوران قومي اسيمبلي جي ٻن ۽ هڪ صوبائي اسيمبلي جي تڪ تي ڊرامائي انداز ۾ تبديليون اچي رهيون آهن. اين اي 206 تي خورشيد شاهه، اين اي 207 تي نعمان اسلام الدين شيخ ۽ پي ايس 25 تي سيد فرخ شاهه کي پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي  جي اميدوارن هٿان شڪست جو ڀؤ وڪوڙي ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ پ سنڌ جي قيادت صورتحال کي نظر ۾ رکندي اعليٰ قيادت سان صلاح مشوري ۽ اجازت ملڻ کانپوءِ ايم ڪيو ايم سان ڳجهه ڳوهه ۾ ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

ان ئي سلسلي ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغاراج دراني جي اڳواڻي ۾ ڄام مدد علي ۽ ناصر شاهه وفد ايم ڪيو ايم جي قيادت سان 16 جولاءِ کان پوءِ رابطي ۾ آهي. ٽنهي اڳواڻن ايم ڪيو ايم پاڪستان ( بهادر آباد) جي اهم اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ اڳوڻي مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجا اظهارالحسن سان هڪ ڀيرو ملاقات ڪري چڪا آهن، جنهن کان پوءِ ٻنهي ڌرين جي اعتماد وارن دوستن ( هڪ رٽائرڊ بيوروڪريٽ ۽ ٻن صنعتڪارن) معرفت ڳالهيون هلندڙ آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ پ ايم ڪيو ايم کان سکر جي اين اي 206 تي پ پ اميدوار ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه جي علي واهڻ ۽ منڊو ديرو سميت تڪ جي مختلف علائقن ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ جي اين اي 207 تي اميدوار نعمان اسلام الدين شيخ لاءِ تڪ جي 15 هزارن کان وڌيڪ ايم ڪيو ايم سان واڳيل ووٽرز سخت پريشاني جو ڪارڻ بڻجي ويا آهن. ان تڪ تي پي ٽي آءِ جو اميدوار مبين جتوئي آهي، ان جي پوزيشن مضبوط ٿين  وئي آهي. ايم ڪيو ايم به مبين جتوئي جي حمايت ڪري رهي آهي، ڇو ته جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم جي پاڻ ۾ سيٽ ايڊجيسٽمينٽ ٿيل آهي ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي ته اين اي 207 تي پيپلز پارٽي سخت پريشان آهي. سکر شهر جي صوبائي اسيمبلي جعي تڪ پي ايس 25 تي پ پ پ اميدوار سيد فرخ شاهه لاءِ به شهري علائقي ۾ موجود ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل اردو ڳالهائيندڙ ووٽرز پريشاني جو بنيادي ڪارڻ آهن. ذريعن موجب اهو ئي ڪارڻ آهي جو پ پ پ ايم ڪيو ايم سان ڳجهه ڳوهه ۾ ڳالهيون ڪري رهي آهي. سکر ۾ حمايت لاءِ پ پ پ ايم ڪيو ايم کي جيڪا آڇ ڪئي آهي، بابت مڪمل تفصيل جلد سنڌسماءَچار جي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪنداسين.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *