Thursday , March 28 2024

”خاموشي کي به پنهنجي زبان آهي“ ؛ مارشل لا جون ڳالهيون بي بنياد آهن، ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏبو:ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (سنڌسماءَچار نيوز) پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته، “ اسپيشل ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جي پريس ريليز / پڌرائي انڪري جاري نه ڪئي جو، خاموشي کي به پنهنجي هڪ زبان ٿيندي آهي”. راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور باجوا چيو ته، احتساب عدالت ۾ رينجرز وارو معاملو غلط فهمي جو نتيجو هو، ادارن جو پاڻ ۾ ڪو به ٽڪراءُ ناهي، مارشل لا لڳائڻ جو تاثر ڏيڻ غلط آهي. رينجرز اسلام آباد پوليس ۽ اسلام آباد اتنظاميا سان گڏجي سيڪيورٽي خدمتون ڏيندي آهي، اڳوڻي وزيراعظم جي احتساب عدالت ۾ پهرين پيشيءَ جي موقعي تي بدنظمي ۽ امن امان جي صورتحال جي ڪري ٻي پيشيءَ تي رينجرز کي لڳايو ويو، ٻڌڻي جي حوالي سان وزيرن کي پاسز جاري ٿيون هيون، جيڪڏهن ڪنهن سپاهيءَ تائين اطلاع ناهي پهتو ته غلط فهمي مقامي سطح تي ٿي آهي. ان کي ادارن وچ ۾ ٽڪراءَ جو نالو ڏيڻ غلط عمل آهي.

ميجر جنرل آصف غفو چيو ته احتساب عدالت ۾ اڻ وڻوندڙ واقعو پيش آيو هو، ان ڪري ٽنهي اسٽيڪ هولڊرن مشاورت ڪئي. ان ڏينهن صبح 7 وڳي ٽنهي ادارن جي نمائندن احتساب عدالت جو دورو ڪيو، ان وقت رينجرز اتي موجود هئي. هن چيو ته، “ اسان جا / پاڪ فوج جا جيڪي خصوصي پروگرام ٿيندا آحن، انهن لاءِ به ڪارڊ جاري ڪيا ويندا آهن، جيڪڏهن آرمي چيف به ان تقريب ۾ بغير ڪارڊ جي اچي ته هڪ سپاهي آرمي چيف کي به روڪي سگهي ٿو”. رينجرز اهلڪارن پاران وزيرن کي روڪڻ وارو عمل ساراهه جوڳو آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته، 2014 کان رينجرز ان درخواست تي ڪم ڪري رهي آهي، رينجرز جي ٽنهي ونگن کي آئين مطابق درخواست ڪئي وئي، ضروري ناهي ته هر حڪم لکت ۾ هجي.اسپيشل ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس جي پريس رليز جاري نه ڪرڻ بابت هڪ سوال جي جواب هن چيو ته خاموشي کي به پنهنجي زبان هوندي آهي.

پريس ڪانفرنس دوران ڊي جي آءِ ايس پي آر آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو بيان پڙهي ٻڌايو. جنهن ۾ هن چيو ته ملڪ کان ٻاهر ويهي ملڪ ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪندڙ ۽ گاريون ڏيندڙن کي نه ڇڏينداسين، اهي جلد پڪڙ ۾ هوندا. پاناما ليڪس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي ۾ آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ جو ڪردار آئيني هو، جي آءِ ٽي کانپوءِ هڪ معاملو هلي رهيو آهي، جنهن جي اسان کي خبر آهي، فوج آئيني حدن ۾ رهندي پنهنجو ڪم ڪندي آهي، فوج کي جي آءِ ٽي ۾ ڪم ڪرڻ جو حڪم مليو هو، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي آرمي جي آءِ ٽي جي عمل ۾ شريڪ ٿي، فوج پنهنجي طرفان ڪابه شيءِ پيش نه ڪئي؛ اسين هن معاملي ۾ ڌر ناهيون، موجوده صورتحال پويان فوج يا مارشل لا لڳائڻ واريون ڳالهيون فضول آهن، ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پوئتي مڙي ڏسنداسين ته 70 سال پويان ڇڏيا آهن ۽ پوئتي ڏسندا ئي رهجي وينداسين.

گذريل 15 سالن کي ڏسو، فوج جون قربانيون ڏسو ۽ اڳتي ڏسو، هن چيو ته ڪيتريون ئي ڳالهيون اسٽيٽ سيڪريٽ هونديون آهن، ڪيترين ئي ڳالهين بابت وزيراعظم ۽ آرمي چيف کي خبر هوندي آهي، ميجر جنرل عبدالغفور چيو ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي رحم واري اپيل آرمي چيف وٽ آهي، ان بابت جلد خبر ڏينداسين. آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته پاڪستان ۾ 4 پرڏيهي ايجنسيون دهشتگردي جا منصوبا جوڙي رهيون آهن، ڀارت باز نه آيو ته ڀرپور جواب ڏينداسين، ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڀارت مان مسلسل خطرا موجود آهن، ڀارت جي نامناسب رويي سبب اوڀر واري سرحد غير محفوظ ۽ خطري سان ڀرپور آهي، هن چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ پنهنجي ظلم تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪارروايون ڪري رهيو آهي، اسين پرامن قوم آهيون، جنگ مڙهي وئي ته ڀرپور جواب ڏينداسين، هن چيو ته ڀارتي فوج پنهنجي جارحيت ۾ پهريون ڀيرو شهري آبادي مٿان ڪيرائيندو آهي پر اسين ائين ناهيون ڪندا، اتي به اسان جا ڪشميري ڀائر آهن، جيڪڏهن ڀارت هڪ گولو فائر ڪندو آهي ته اسين 5 گولا فائر ڪندا آهيون.

ميجر جنرل آصف غفور چيو ته، جيڪڏهن ڀارت ڳالهين طرف ايندو ته ان جو حل ڪڍي سگهجي ٿو، ڀارتي ايئرفورس جارحيت ڏيکاريندي ته جواب سڀئي ڏسندا، ميجر جنرل آصف غفور پريس ڪانفرنس دوران انڪشاف ڪيو ته محرم ۾ دهشتگردي جو خطرو موجود هو پر ادارن بهترين ڪم ڪيو، هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي اڻ ٿڪ محنت سبب هن ڀيري محرم الحرام دوران صورتحال انتهائي پرامن رهي، هن وڌيڪ چيو ته اسان کي اطلاع مليو ته ڪراچي ۾ 2 آپگهاتي جئڪيٽون پهچايون ويون آهن، جنهن تي ڪراچي ۾ سيڪيورٽي ادارن ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪري آپگهاتي جئڪيٽون هٿ ڪيون، هن چيو ته پرامن صورتحال سبب بوهره ڪميونٽي جي اجتماع ۾ 21 هزار کان وڌيڪ پرڏيهي ڪراچي ۾ آيا، جن ۾ 10 هزارن کان وڌي بوهري جماعت جا ماڻهو ڀارت مان آيا هئا، سندن سيڪيورٽي لاءِ به ادارن بهترين ڪم ڪيو. چونڊ قانون بل 2017ع ۾ نامزدگي ڪاغذن ۾ حلف نامو ڪڍڻ جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نامزدگي ڪاغذن جي پراڻي پوزيشن بحال ڪرڻ جي حوالي سان ترميم منظور ڪئي وئي آهي، ختم نبوت ۽ ناموس رسالت صه تي پاڪستان جي هر مسلمان وانگر پاڪ فوج به ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نٿي ڪري سگهي ۽ نه وري ائين ڪڏهن ٿي سگهي ٿو، ملي مسلم ليگ جي سياست ۾ حصو وٺڻ جي حوالي سان هڪ سوال تي هن چيو ته اهو ته رياست کي طئي ڪرڻو آهي ته پاڪستان جي سياسي عمل ۾ ڪير ڪهڙيءَ ريت حصو وٺي سگهي ٿو، هن چيو ته فوج ناموس رسالت تي ڪابه سوديبازي نه ڪندي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته، هن چيو ته ڪشمير، فلسطين ۽ ميانمار جي مسلمانن جي اخلاقي طور تي مدد جاري رکنداسين، ميجر جنرل آصف غفور وڌيڪ چيو ته عوام کي پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز تي فخر ڪرڻ گهرجي، اهو چوڻ غلط آهي ته پاڪ فوج ڪنهن جي به ڪنٽرول ۾ ناهي.هن چيو ته ڪنهن به دهشتگرد تنظيم جو منظم نظام پاڪستان ۾ موجود ناهي، هن چيو ته گذريل چئن ڏهاڪن کان قوم گڏجي دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي آهي، جيڪا اڃا اڳتي هلي رهي آهي، اسان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي، ان جي سڀني کي خبر آهي، اڄ پُرامن پاڪستان نظر اچي رهيو آهي، هن چيو ته 4 غير ملڪي ايجنسيون بلوچستان ۾ وڏين ڪاررواين لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن، آصف غفور وڌيڪ چيو ته طالبان ۽ داعش جي خطرن سبب اولهه سرحد تي اڃا خطرا موجود آهن، اتي 2 لک فوج مقرر آهي. ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته آرمي چيف جلد ايران جو دورو ڪري قيادت آڏو سيڪيورٽي جو معاملو اٿاريندو، هن چيو ته پاڪستان کي ايران ۽ افغانستان مان نه پر غير رياستي عنصرن مان خطرو موجود آهي.

هن چيو ته اسان جا آپريشنز ڪنهن ملڪ يا فوج خلاف نه پر پاڪستان، افغانستان ۽ ايران جي گڏيل دشمنن خلاف آهن، غير رياستي عنصرن مان خطرا آهن، آرمي چيف افغاني صدر سان ملاقات ڪري دليلن ۽ ثبوتن سان ڳالهه ڪئي آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ تحريڪ طالبان جي قيادت موجود آهي، افغانستان جو 50 سيڪڙو علائقو فوج جي ڪنٽرول ۾ ناهي، هن چيو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا افغانستان کي سرحد تي ڪنڊيدار تارون وڇائڻ، قلعا ۽ پوسٽون بڻائڻ جي آڇ ڪئي آهي، اسين محفوظ قلعا ٺاهي ڏئي سگهون ٿا، انهن قلعن تي افغانستان پنهنجي فوج کي ويهاري، هن وڌيڪ چيو ته 50 سيڪڙو علائقو طالبان جي ڪنٽرول ۾ آهي، جتي طالبان جي قيادت رهي ٿي، اتي دهشتگردن جا ٺڪاڻا موجود آهن، هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ آرمي چيف ڪيترائي ڀيرا چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ ڪابه جاءِ غير محفوظ آهي ته ان جا ثبوت ڏنا وڃن، ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته دهشتگردي خلاف ڪامياب آپريشنن کانپوءِ اولهه سرحد تان فوج جو ڪجهه حصو واپس ڇانوڻين ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، هن چيو ته طالبان ۽ داعش جي خطرن سبب اولهه جي سرحد تي 2 لک فوجي ۽ اوڀر جي سرحد تي هڪ لک فوجي مقرر آهن.ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته ميران شاهه ۾ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پرامن ميچ ڪرايو ويو، ڪرڪيٽ ميچ ۾ 25 لک کان وڌيڪ قبائلي ڀائرن شرڪت ڪري ميچ ڏٺو، اهڙي طرح هڪ ميچ ڪراچي ۾ به ڪرائينداسين.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *