Friday , March 29 2024

حڪومت ۾ اچڻ بعد شهيد بينظير ڀٽو جا قاتل عوام آڏو وائکا ڪندس:پيرپاڳارو–جنهن وٽ چيچڙو به نه هو،16شگرملز جو مالڪ ڪيئن بڻيو؟ مرتضيٰ جتوئي

سکر (خصوصي نمائندو سنڌسماءَچار) جي ڊي اي پاران ايندڙ عام چونڊن کان اڳ پهريون ڀيرو سياسي طاقت جو مظاهرو، فنڪشنل ليگ ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي سربراهه پير پاڳاري پاران حڪومت ۾ اچڻ بعد شهيد بينظير ڀٽو جي قاتل ۽ ان بعد سندس ويجهن ساٿين جي قاتلن کي عوام آڏو وائکو ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته، مستقبل ۾ آصف زرداري جو ڪو به سياسي مستقبل نظر نه ٿو اچي. نيشنل پيپلز پارٽي جي سربراهه مرتضيٰ جتوئي چيو آهي ته جنهن شخص وٽ ڪڏهن چيچڙو به نه هو اهو 16 شگرملز جو مالڪ ڪيئن بڻيو اهو سڀ ڄاڻن ٿا، هاڻي سنڌ حڪومت ڦورن ۽ سنڌ جي زراعت تباهه ڪندڙن کي نه ملندي.

سکر ۾ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس / جي ڊي اي جي جلسي کي خطاب ڪندي مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراهه ۽ حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري چيو آهي ته قوم جون اکيون عدليا ۾ آهن ته اها ڪڏهن ٿي ڪرپٽ حڪمرانن مان جان ڇڏائي. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ آصف زرداري چيو هو ته کيس خبر آهي ته شهيد بينظير ڀٽو جا قاتل ڪير آهن.ان کانپوءِ هُو 5 سال صدر رهيو، وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت به پ پ جي هئي؛ جنهن بعد وري سنڌ حڪومت به ٻيهر کيس ملي آهي، پر اڃا تائين هُن اهو ناهي ٻڌايو ته شهيد بينظير جا قاتلن ڪير آهن. پير پاڳاري جلسي ۾ اعلان ڪندي چيو ته، مستقبل جي سياست ۾ آصف زرداري جو ڪو به سياسي ڪردار نظر نه ٿو اچي. پير پاڳاري عوام سان وعدو ڪندي چيو ته اسان حڪومت ۾ اچي شهيد بينظير ڀٽو ۽ ان کانپوءِ سندس ساٿين جي قاتلن کي عوام جي آڏوم پڌرو ڪندس. عوام کي ٻڌائيندس ته شهيد بينظر ڀٽو جو قاتل ڪير ڪير آهي. بينظير جي ٻين ساٿين جيڪي سندس قتل بعد قتل ڪيا ويا انهن کي به وائکو ڪندس.

هن چيو ته پيپلز پارٽي وارن سنڌ ۾ پنهنجي گذريل ۽ موجوده حڪومت دوران سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڀنگين جون نوڪريون مسلمانن کي وڪرو ڪيون. هنن گريڊ هڪ کان 16 هين گريڊ تائين جي نوڪرين جو وڪرو ڪيو. ائين ڪڏهن به ناهي ٿيو ته ڀنگي مسلمان ڀرتي ٿيا هجن، پر پ پ وارن اهو ڪمال ڪري ڏيکاريو. ملڪ کي اهڙي موڙ تي بيهاريو آهي جو ڄمندڙ ٻار به قرضي پيدا ٿئي ٿو، ملڪ کي مفلوج ۽ گروي بڻايو ويو آهي. هن چيو ته حڪمرانن جي ناڪام پاليسين سبب امن امان جي صورتحال بهتر ناهي، هر ماڻهو پاڻ کي غيرمحفوظ سمجهي ٿو، شابس آهي فوج کي جنهن پنهنجا شهيد ڪرائي امن امان کي بحال رکيو پر حڪمرانن کي شرم نه ٿو اچي جو فوج ۽ رينجرس کي شابس ڏين. هن چيو ته ختم نبوت وارو بل آڻيندڙ حڪمرانن تي افسوس ٿئي ٿو، عقيدي سان ڇيڙ ڇاڙ بهتر ناهي.

ان موقعي تي خطب ڪندي نيشنل پيپلز پارٽي جي سربراهه ۽ وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي خطاب ڪندي چيو ته، پيپلز پارٽي سنڌ کي نيلام گهر بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي هتي هر شئي وڪرو ٿي رهي آهي. هن چيو ته، سنڌ هارين، ننڍن کاتيدارن ۽ آبادگارن کي زرعي جنسن ڪمند، ڪڻڪ، سارين ۽ ٻين فصلن جا اگهه مناسب نه ٿا ڏنا وڃن، جنهن سبب اُهي معاشي طور تي تباهه حال آهن. غلام مرتضيٰ چيو ته جنهن شخص وٽ ڪڏهن هڪڙو چيچڙو به نه هو، اُهو هاڻي 16 شگر ملز جو مالڪ بڻجي ويو آهي. سنڌ واسي اها ڳالهه چڱيءَ ريت ڄاڻن ٿا ته هن اهي پئسا ڪٿان آندا آهن. وفاقي وزير مرتضيٰ جتوئي چيو ته، هُو قسم کڻي چوي ٿو ته سندس پرڏيهه ۾ ڪا به م،لڪيت ناهي؛ سياست ۾ اچڻ کانپوءِ هُن جي ذاتي ملڪيتن ۾ گهٽتائي آئي آهي اثاثا ناهن ٺاهيا، سندس ڪٽنب سياست کي ڪاروبار نه پر عوام جي خدمت سمجهي ڪندا آهن.

فنڪشنل ليگ سنڌ جي صدر صدرالدين شاهه چيو ته عدليه ۽ فوج مضبوط آهي ته ملڪ مٿان ڪير به وار نه ٿو ڪري سگهي، تمام جلد اهڙو احتساب شروع ٿيندو جو قومي خزاني جي لٽيل رقم واپس ملڪ ايندي ۽ غريب عوام تي خرچ ٿيندي. قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو ته آصف زرداري، رحمان ملڪ ۽ ڊاڪٽر عاصم هڪ ئي سڪي جا پاسا آهن، جن جو ڪرپشن ۾ برابر جو هٿ آهي. غوث بخش مهر چيو ته پ پ وارن وٽ ڪو اهل ماڻهو ڪونهي، جنهن کي آبپاشي جو وزير بڻائي سگهن. 2010ع جي مها ٻوڏ ۾ تڏهوڪي وڏي وزير کي گهرائي ٻڏي ويل علائقي بدران خشڪ علائقي جو دورو ڪرايو ويو. هن چيو ته  سنڌو درياءَ کي جيڪڏهن ڀت ڏياري وڃي ته محفوظ رهي سگهجي ٿو. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته سنڌ سان وڏو ڪلور ٿيو آهي، جن کي سنڌ پناهه ڏني اهي اڄ سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، سنڌ کي احسان جي سزا ڏني پئي وڃي، سنڌ کي ٽوڙڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر ڪنهن کي اهو سوچڻ به نه ڏينداسين. جڏهن سندس ڪم پوندو آهي ته جهاز ۾ ساڻ کڻندو آهي، پوءِ ملڻ لاءِ به تيار ناهي هوندو. جلسي ۾ ايم اين اي غلام مرتضيٰ جتوئي، سيد مظفر حسين شاهه، غوث علي شاهه، ڊاڪٽر صفدر عباسي، شهريار مهر نصري سحر عباسي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جلسي ۾ عارف خان مهر، عزيز شاهه امروٽي، پير سيداسماعيل شاهه، ابراهيم جتوئي، بچل مهر، رضيه عباسي  ۽ ٻيا پڻ اسٽيج تي موجود هئا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *