Thursday , March 28 2024

حڪومت ۽ ٽي ايل پي وچ ۾ ڳالهين جا ٻه دور ناڪام

اسلام آباد / ڪراچي (خاص نمائندو/ اصغر آزاد سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت ۽ پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اڳواڻن وچ ۾ ڳالهين جا ٻه دور ناڪام ٿي ويا، ٽي ايل پي فرانسيسي سفير جي واپسي ۽ پابندي جي شرطن تان هٿ نه کنيو، وفاقي حڪومت اسلام آباد جي سيڪيورٽي وڌائي ڇڏي. سومر ڏينهن وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد، مذهبي معاملن واري وزير نورالحق قادري، پنجاب جي گورنر چوڌري سرور، قانون واري وزير راجا بشارت ۽ ٽي ايل پي جي اڳواڻن سان ٻه دور ٿيا، جن ۾ ٻئي ڌريون ڪنهن به نتيجي تي نه پهچي سگهيون آهن. ڳالهيون ناڪام ٿيڻ کانپوءِ سومر ڏينهن ۽ رات دير سان ٿيل ڳالهين جا دور ختم ڪيا ويا آهن، ڳالهين جو ٽيون دور اڱاري ڏينهن (اڄ) 20هين اپريل تي ٿيندو.

ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار پاران ڪٺي ڪيل معلومات ۾ ذريعن کان ڄاڻ ملي آهي ته ٽي ايل پي پابندي واپس وٺڻ، فرانسيسي سفير جي هر صورت ۾ واپسي ۽ سمورن گرفتار ڪيل ڪارڪنن جي آزادي ۽ سمورا ڪيس ختم ڪرڻ وارن مطالبن تان هٿ کڻڻ کان کُتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ سماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق ٽي ايل پي ( پابندي مڙهيل) جي اڳواڻن کي وفاقي سرڪار پاران پابندي ختم ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن جي عيوض کين صلاح ڏني وئي آهي ته اُهي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ٻئي نالي سان پنهنجون سرگرميون شروع ڪري سگهن ٿا پر ڌرڻا ۽ ريلين ڪڍڻ جي اجازت نه هوندي، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ٽي ايل پي کي ٻئي نالي سان تنظيم سازي ڪرڻ جي آڇ وزيراعظم عمران خان سميت طاقتور ڌرين جي رضامندي سان ڪئي وئي آهي، جيڪا آڇ في الحال ٽي ايل پي قيادت قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي، اهو به ممڪن آهي ته اهڙو انڪار بظاهر ڏيکاءَ لاءِ هجي. ٽي ايل پي تي پابندي ۽ ان جي سياسي سرگرمين بابت سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق تحريڪ لبيڪ تي پابندي ته هوندي پر ان جي سياسي پارٽي طور فيالحال ڪابه ضرب اچڻ نه ڏني ويندي، باءِ اليڪشنز ۾ به حصو وٺڻ کان نه روڪيو ويندو. ذريعن جي  دعويٰ آهي ته ايندڙ ٻن کان ٽن مهينن دوران سمورا معاملا  سڌا ٿي ويندا ۽ ٽي ايل پي جي سياسي  پارٽي طور سرگرمين تان به پابندي ختم ٿي ويندي ۽ امڪان اهو  ب ه آهي ته ايندڙ بجيٽ کان پهريان پابندي ختم ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *