Friday , April 26 2024

وفاقي حڪومت تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي پابندي هڻي ڇڏي، ڪجهه ڌريون ناراض

ٽي ايل پي تي مڪمل پابندي لڳائڻ جي ڪجهه ڌرين مخالفت ڪئي، مخصوص وقت تائين انڊر آبزرويشن هيٺ رکڻ جي تجويز ڏني

اسلام آباد / ڪراچي ( خاص نمائندو / رپورٽر     سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي، پابندي وفاقي ڪابينا سرڪيولر سمري ذريعي ڏني، ٽي ايل پي تي ملڪ ۾ وڳوڙ پکيڙڻ، دهشت واري سياست ۽ پرتشدد احتجاج ڪرڻ سميت ٻيا الزام آهن. پنجاب حڪومت جي سفارش تي وفاقي گهرو وزارت پاران تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي پابندي مڙهڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان کي موڪليل سمري ڪابابينا منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سمري گذريل رات 14 ۽ 15هين اپريل جي وچ واري رات جو دير سان منظوري لاءِ وفاقي ڪابينا جي سمورن ميمبرن کي سرڪيولر ذريعي اماڻي وئي هئي، جيڪا 15هين اپريل خميس ڏينهن ڪابينا جي ميمبرن کان منظوري ورتي وئي. وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ تحريڪ لبيڪ پاڪستان پابندي مڙهيل تنظيم بڻجي وئي آهي، ان جي هر قسم جي  سرگرمين تي پابندي لاڳو هوندي، جيڪڏهن پبندي باوجود ڪا به سرگرمي ڪئي وئي ته ڪارروائي ڪئي ويندي.

ٽي ايل پي تي پابندي بابت جڏهن سنڌسماءَچار معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته وفاقي حڪومت جي فيصلي جي وفاقي گهرو وزارت سان لاڳاپيل ڪجهه اهم شخصيتن اهڙي فيصلي جي سخت مخالفت ڪئي. ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب، ٽي ايل پي جي پرتشدد ڌرڻن دوران گاڏين، سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي باهيون ڏيڻ ۽ پوليس تي حملا ڪري چئن کان وڌيڪ اهلڪارن جي قتل ۽ 400 کان وڌيڪ زخمي ڪرڻ وارن واقعن کانپوءِ گهرو وزارت ۽ پنجاب حڪومت پاران ڌرڻا ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ويون. ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب لاءِ وفاقي گهرو وزارت جي هڪ اهم ذميوار شخصيت جي معرفت ٽي ايل پي قيادت کي اسلام آباد سميت پنجاب مان ڌرڻا ختم ڪري سنڌ ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سنڌ – بلوچستان سرحد ڊيرا موڙ ۽ حب رور روڊ تي ڌرڻا هڻڻ جي صلاح ڏني، جنهن تي ٽي ايل پي جي قيادت انڪار ڪندي فرانسيسي سفير جي پاڪستان مان نيڪالي تائين احتجاج جاري رکڻ واري فيصلي تان پوئتي نه هٽڻ واري فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو، جنهن بعد وفاقي حڪومت ٽي ايل پي سربراهه سعد حسن رضوي کي حراست ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن کي حراست ۾ وٺڻ بعد سندس گرفتاري جو اعلان ڪندي مٿس قتل سميت مختلف نوعيت جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

پ پ سنڌ جو صدر نثار کهڙو به بنگالين، بهارين ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏيڻ تي ڪا به معذرت نه ڪئي

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *