Wednesday , April 17 2024

حڪومت جي آءِ ٽي خلاف مهم بند ڪري نه ته اڻوڻندڙ فيصلو ڏئي سگهون ٿا:سپريم ڪورٽ

JIT members court banch

حڪومت جي آءِ ٽي خلاف مهم هلائي رهي آهي، جي آءِ ٽي ميمبرز کي هيسائڻ وارو سلسلو ۽ مداخلت فوري طور بند ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ اڻوڻندڙ حڪم ڏئي سگهون ٿا، جسٽس اعجاز الحسن، جسٽس اعجاز افضل ۽ جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته 8 ماڻهو ٽي وي تي ويهي عدليا تي حملا پيا ڪن، صبر کان ڪم پيا وٺون. سپريم ڪورٽ سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي رڪارڊ ۾ ڦير گهير جي جاچ ايف آءِ حوالي  ڪري ڇڏي، عدالت اٽارني جنرل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي، سپريم ڪورٽ چيو آهي ته سڀ کان وڏي مهم حڪومت هلائي رهي آهي، اوهين سرڪار جي ماڻهن کي سمجهايو ته عدليه خلاف مهم بند ڪن.

جسٽس اعجاز افضل رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن جي رڪارڊ سان هٿ چراند جو الزام آهي،  اسان مامري جو غور سان جائزو وٺي رهيا آهيون ۽ ان تي مناسب حڪم جاري ڪنداسين. پاناما عملدرآمد ڪيس جي نگراني لاءِ جڙيل سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ آڏو جي آءِ ٽي جي شڪايتن جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ ايس اي سي پي جي رڪارڊ ۾ هيرا ڦيري جي جاچ ايف آءِ اي حوالي ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي. عدالت اٽارني جنرل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت عدليه خلاف مهم هلائي رهي آهي.  عوامي عهدا رکندڙ ماڻهو عدليه مٿان حملا ڪري رهيا آهن، 8 کان 9 ماڻهو مختلف چئنلز تي ويهي عدليه مٿان حملا ڪري رهيا آهن.

IB Pak

ايجنسي هر معاملي ۾ ٽنگ اڙائڻ بند ڪري، ايجنسي ڪهڙي قانون تحت جاچ ۾ مداخلت ڪري رهي آهي. ان موقعي تي  تحريڪ انصاف جي ترجمان وڪيل فواد چوڌري عدالت کي چيو ته هن کي ٻه اکر ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وڃي، جي آءِ ٽي جون مخصوص شيون ليڪ ٿي رهيون آهن، سپريم ڪورٽ جي ٻڌڻي جاري آهي ته هڪ انگريزي اخبار ۾ روزاني هيڊ لائين لڳي رهيون آهن، هڪ اخبار ته اڄ فيصلو به ڏئي ڇڏيو آهي. انهي سان عوامي تاثر غلط نموني پيدا ٿي رهيو آهي انهي اخبار کي رڪارڊ جو حصو بڻايو وڃي، جسٽس عظمت سعيد چيو ته اخبار مون به پڙهي آهي لڳي ٿو ته اهو عالمي ڪورٽ آف جسٽس جو فيصلو آهي پر انهن خبرن سان ڪهڙو فرق ٿو پوي؟ جسٽس اعجاز الحسن چيو ته، مخصوص نه پر هاڻ ته هر شيءِ ليڪ ٿي رهي آهي. اسان کي خبر آهي ته انهي جو مقصد ڪهڙو آهي، جوائنٽ انوسٽيگيشن ٽيم اسان کي پنهنجي مسئلن جو ٻڌايو آهي. درخواست ۾ سنگين قسم جا الزام هنيا ويا آهن. سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن جي رڪارڊ سان هٿ چراند جو به الزام آهي، انهي تي اسان مناسب حڪم جاري ڪنداسين، جسٽس عظمت سعيد سوال ڪيو ته رڪارڊ ۾ ٽيمپرنگ جرم ناهي؟ ايف آءِ آر به الزام جي داخل ٿيندي آهي، انهي تي اٽارني جنرل چيو ته سيڪيورٽي ايڪسچينج پاڪستان انهي الزام کي رد ڪيو آهي، جسٽس اعجاز افضل چيوته حقيقت ڄاڻڻ بنا گھڻو ڪجھه چيو ويو. آسمان ڪري يا زمين ڦاٽي پوي پر اسان کي پرواهه ناهي، ڪير ڇا به چوي اسان انهي جي پرواهه نه ڪنداسين، اسان خاموش تماشائي ٿي نه ويهنداسين، سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن جي چيئرمين تي سنگين نوعيت جا الزام آهن، اسان سمجهي رهيا هئاسين ته اٽارني جنرل طور اوهان ڪو قدم کنيو هوندو پر اوهان اسان کي ڪافي مايوس ڪيو آهي، اوهان سڌو سڌو چئي ڇڏيو آهي ته الزام غلط آهن،اوهان ڪنهن سياسي ڌر جو حصو ناهيو، هر شي انهي جي رحم ڪرم تي نه ٿي ڇڏي سگهجي جنهن جي اثاثن جو پتو لڳايو پيو وڃي.

جسٽس عظمت سعيد چيو ته آءِ بي تي به الزام آهي ته ميمبرن کي حراسان ڪري رهي آهي،آءِ بي انهن الزام جي ترديد ڪئي آهي پر ڊي جي آءِ بي هڪ شاندار خط لکيو آهي، آءِ بي نادرا وٽان بلال رسول جي معلومات گڏ ڪئي انهي کان پوءِ اها ڪيڏانهن ڪئي وئي؟ عدالت سوال ڪيو ته ڇا آءِ بي وارا اسان جي به ڊيٽا گڏ ڪن ٿا؟ جسٽس عظمت سعيد چيو ته آئون اهو ڪيئن مڃي وٺان ته منهنجي مانيٽرنگ نه ٿي ٿئي،آءِ بي ته جرم جو اعتراف ڪيو آهي، آءِ بي جو ڪم رياست جي لاءِ هجڻ گھرجي ڪنهن شخص جي ذات جي لاءِ نه هجڻ گھرجي، جسٽس عظمت سعيد اٽارني جنرل کان سوال ڪيو ته مسٽر اٽارني جنرل هي سڀ ڪجهھ ڇا ٿي رهيو آهي؟ اسان کي سمجهايو، هاڻ ڪافي ڪجھه پڇڻ جو وقت اچي ويو آهي، اوهان کي ٻڌائڻو پوندو ته آءِ بي جو ڪم ۽ مينڊيٽ ڪهڙو آهي؟ ڇا سپريم ڪورٽ جي حڪم کان بايو ڊيٽا جا تفصيل گڏ ڪرڻ آءِ بي جو مينڊيٽ آهي؟ آءِ بي طرفان گڏ ڪيل ڊيٽا جا تفصيل ليڪ ٿيڻ تي جاچ ڪئين ٿيڻ گھرجي؟

Shabaz & Nawaz

جسٽس اعجاز الحسن اٽارني جنرل کي چيو ته اوهان وزيراعظم يا ٻئي ڪنهن جا نه پر وفاق جا نمائندا آهيو، آءِ بي ڪهڙي اختيار ۽ قانون تحت هر معاملي تي پنهنجي ڄنگهه اڙائي رهي آهي، اهو ته ڪنهن کي سڌو سڌو حراسان ڪرڻ جو معاملو آهي، آءِ بي کي اهو اختيار ڪنهن ڏنو آهي. آءِ بي، سيڪيورٽي ايڪسچينج ڇا سڀ ادارا رڪاوٽون وجھي رهيا آهن؟ جسٽس اعجاز افضل چيو ته سرڪاري عهدا رکندڙ ماڻهو عدليا تي حملي آور ٿي رهيا آهن، جسٽس عظمت سعيد چيو ته ڇا ملڪ ۾ وائٽ ڪالر ڪرائيم، دهشتگردي ۽ ٻيا ڏوهه ختم ٿي ويا آهن جو ملڪ جي سڀ کان وڏي سويلين ايجنسي جي آءِ ٽي ۽ سپريم ڪورٽ جي ججن جي ڊيٽا گڏ ڪري رهي آهي، ڇا آءِ بي کي خانگايوويو آهي جو پرائيوٽ ماڻهن جي لاءِ خدمتون سرنجام ڏئي رهي آهي؟. ڇا آءِ بي جي ڊائريڪٽر جنرل کي انهي جي ڪري مدي ۾ واڌ ڪري ڏني وئي آهي؟ اسان کي اميد آهي ته اها توسيع قانون موجب ڪئي وئي هوندي، گھٽ ۾ گهٽ آءِ بي کي ته انهي ڪم جي لاءِ استعمال نه ڪيو.

جسٽس اعجاز الحسن چيو ته سڀ کان وڏي مهم حڪومت هلائي رهي آهي،8 ماڻهو مختلف چئنلن تي ويهي حملو ڪري رهيا آهن، جسٽس اعجاز افضل چيو ته اسان جي حدن جو تعين ڪرڻ ميڊيا يا ٻئي ڪنهن جو ڪم ناهي،اٽارني جنرل ٻڌائي ته آءِ بي جي خلاف ڇا ڪرڻو آهي، ماڻهو ته چئي رهيا آهن ته اسان ڪنهن جي اثر هيٺ آهيون. جنهن جواب ۾ اٽارني جنرل چيو ته اهڙا ماڻهو احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا، جسٽس اعجاز الحسن چيو ته اسان اڃان تائين صبر جو مظاهرو ڪري رهيا آهيون پر انهي جي به هڪ حد هوندي آهي،جسٽس اعجاز الحسن چيو ته جي آءِ ٽي کي حراسان ڪرڻ فوري طور بند ڪيو وڃي، جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته اڻ وڻندڙ حڪم جاري ڪنداسين، مسٽر اٽارني جنرل سرڪاري عهديدارن کي ٻڌايو ته پنهنجي حدن ۾ رهو، جسٽس اعجاز وڌيڪ چيو ته، آءِ بي سٺا ڪم به ڪيا هوندا پرپهرين انهن ذريعن کي سامهون آندو وڃي جن درخواستگذارن کي مواد فراهم ڪيو آهي. اسان ڪي ڀرتيون نه ڪيون هيون پر جي آءِ ٽي کي مقرر ڪيو هو.

Nawaz Sharif PM 1

عدالت سوال ڪيو ته آءِ بي خلاف ڪير ڪارروائي ڪري سگهي ٿو، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته ايف آءِ اي انهي معاملي تي ڪارروائي ڪري سگهي ٿي؛ جنهن عدالت کيس قانوني معاونت جي لاءِ طلب ڪري ورتو آهي. جسٽس عظمت سعيد چيو ته هي ڪا سائيڪل ناهي جو هر شيءِ کي ليڪ جو نالو ڏنو وڃي، هتي معلومات باقاعده جاري ڪئي وڃي ٿي. آءِ بي ته جرم جو اعتراف به ڪيو آهي، اٽارني جنرل چيو ته ڊي جي آءِ بي کي صفائي جو موقعو ملڻ گھرجي، مون پنهنجي طرفان ڪو جواب تيار نه ڪيو آهي ادارن جيڪي جواب موڪليا آهن انهن بابت عدالت کي آگاهه ڪيو آهي، جسٽس عظمت سعيد چيو ته اهڙن ماڻهن جي خلاف قانوني ڪارروائي ٿيڻ گھرجي، اٽارني جنرل صاحب پنهنجي حڪومت کي ٻڌائي ته جي آءِ ٽي جي ڪم ۾ رڪاوٽ وجھڻ بند ڪري اسان کي ڪو سخت آرڊر پاس ڪرڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي. انهي موقعي تي عدالت اٽارني جنرل کان قانوني معاونت طلب ڪندي چيو آهي ته پاناما ليڪس جاچ ۾ آءِ بي جي ڪردار کي ڏسي ڪهڙو فيصلو ڪري سگهجي ٿو، عدالت ايف آءِ اي کي حڪم ڏنو آهي ته هو سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن جي رڪارڊ سان هٿ چراند جي معاملي جي جاچ ڪري سپريم ڪورٽ کي رپورٽ ڏي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪندي چيو آهي ته جي آءِ ٽي جا ميمبر ڀلي اڄ سپريم ڪورٽ نه اچن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *