Friday , March 29 2024

حيدر آباد ۾ هٿياربندن جي گهر ۾ گهڙي فائرنگ، سينئر صحافي الياس وارثي شهيد

حيدر آباد(رپورٽر   سنڌسماءَچار) حيدر جي الرحيم واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سينئر صحافي الياس وارفثي شهيد، جوابدار ڀ ڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پوليس اڃا تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو. حيدر آباد الرحيم شاپنگ سينٽر ۽ اپارٽمينٽ ۾ فليٽ اندر داخل ٿي هٿياربندن سڌيون گوليون هڻي سينئر صحافي الياس وارثي کي شهيد ڪري ڇڏڇيو، جوابدارن فائرن ڪري الياس وارثي کي مرڻينگ ڪيو، جنه  بعد وحشي جوابدارن ٻيهر مٿس فائرنگ ڪري سندس ساهه جو سڳو ٽٽڻ جي پڪ ڪرڻ کانپوءِ ڀڄي وپڃڻ ۾ ڪامياب  ٿي ويا. الرحيم شاپنگ سينٽر وارو علائقو انتهائي مصروف علائقو هجڻ  ۽ مختلف هنڌن تي پوليس اهلڪارن جي موجودگي جي باوجود هٿيار بند ايڏي وڏي ڪارروائي ڪرڻ کان پوءِ ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ تي حيدر آباد خص طور تي الرحيم شاپنگ سينٽر واري علائقي جي رهواسين ڳڻتي ظاهر ڪندي پوليس جي سڪيورٽي تي به شڪ ظاهر ڪري ڇڏيا آهن.ان سلسلي ۾ صحافي الياس وارثي جي گهر ۾ گهڙي کيس تشدد به ڪيو ۽ بعد قتل ڪيو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جاچ شروع ڪري ڏني آهي، گهر جي تلاشي وٺي شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿيو، جاچ ڪئي پئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *