Monday , March 27 2023
uren

حيدر آباد واسي پورهيت بجلي جو واڌو بل اچڻ تي پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي

حيدرآباد(رپورٽر    سنڌسماءَچار) لطيف آباد واري علائقي ۾ هڪ گهر جو هڪ لک 75 هزار بجلي جو بل اچڻ تي هڪ شخص پاڻ مٿان پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي، کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال پهچايو ويو، پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي جي خاطرين باوجود به حيسڪو جي غير ذميوار عملي خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي ناهي ڪئي وئي.

. لطيف آباد جي سائيٽ واري علائقي ۾ 50 ورهين جي شفيع محمد پاڻ تي پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي، جنهن کي واقعي واري هنڌ موجود ماڻهن اسپتال منتقل ڪيو. پاڻ کي باهه ڏيندڙ شخص چيو ته حيسڪو وارا واڌو بل موڪلي ماڻهن جو رت چوسي رهيا آهن. هن چيو ته کيس به واڌ بل موڪليو ويو آهي، جيڪو سندس برداشت کان ٻاهر ۽ ڀرڻ جي وس ۾ ناهي. پاڻ ساڙيندڙ شخص، اعليٰ اختيارين کي معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪرڻ جي گهري ڪئي آهي. پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي پاران حيدر آباد ۾ کليل ڪچهري دوران ڪرايل خاطري باوجود حيسڪو جي غير ذميوار عملي خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي عمل ۾ نه اچي سگهي آهي، جڏهن ته غريب عوام کي واڌو بل موڪلي پريشان ڪرڻ جو عمل جاري آهي.پاڻي ۽ بجلي جي وزارت هڪ ڀيرو ٻيهر حيسڪو جي عملدارن  کان معاملي جي وضاحت گهري ورتي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

قاضي احمد پوليس جي تشدد ۾ ملوث پوليس اهلڪارن کي لهر نه ڪو لوڏو، وارثن جو احتجاج

Share this on WhatsAppنوابشاهه( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) قاضي احمد پوليس جي تشدد ۾ ملوث پوليس …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *