Friday , April 19 2024

حيدرآباد ۾ سنڌين جو اجتماع… اڃا رڃ مان رڙ اچي پئي – سهيل ميمڻ

suhailسهيل ميمڻ

اڄ جڏهن سنڌ ۾ سياست  ون وي ٽريفڪ  لڳي پئي آهي ۽ ڪيماڙي کان ڪشمور تائين هر ننڍو وڏو وڏيرو پيپلز پارٽي ۾ پناهه وٺي اقتدار جي پويان  اهو به وساري ويٺو آهي ته موجوده حڪمرانن سنڌ کي گٽر جو پاڻي پيئڻ جي حد تائين پهچائي ڇڏيو آهي اهڙي  سياسي صورت حال ۾  ۽ بم ڌماڪن ، دهشتگردي ۽  آپريشن سان گڏ آدمشماري واري ايندڙ ايونٽ ۾ سنڌي مايوسي ۽ پريشاني ۾  ٻڏل آهن ته حيدر آباد ۾ سنڌين جو ڪالهوڪو عاليشان  سياسي اجتماع هوا جي هڪ ٿڌڙي جهونڪي وانگر سامهون آيو آهي۔

 دهشتگردي ،مذھبي انتهاپسندي ۽ ڪرپشن خلاف سنڌ يونائيٽڊ پارٽي پاران حيدرآباد ۾ ڪيل  سنڌ مارچ ريلي ۽ جلسي ۾ ماڻهن جي وڏي تعداد انهن لاءِ به نياپو آهي جيڪي سمجهن ٿا ته سنڌ ۾ سياست صرف زرداري صاحب واري بچي آهي۔

جلسا ۽ ريليون ٿينديون رهنديون آهن  پر هن ريلي جو نعرو ۽ ان جي انعقاد جو وقت ٻئي اهم آهن۔  دهشتگردي ،مذھبي انتهاپسندي ۽ ڪرپشن  ٽئي اهڙا مسئلا آهن جن کي سنڌ هن وقت سڀ کان وڌيڪ ڀوڳي رهي آهي۔ انهن سڀني معاملن سان وڙهڻ لاءِ سنڌين وٽ سواءِ پر امن عوامي جدوجهد جي ٻيو ڪو به دڳ ناهي۔ دهشتگردي   ۽ مذھبي انتهاپسندي  شايد مٿي جا معاملا هجن پر پاڻ پنهجي اوسي پاسي تي نظر رکي ، سنڌ جي صوفي روح کي زنده رکڻ ۾ ڪامياب ٿياسين ته به ان کي منهن ڏئي سگهندا سين۔ باقي رهي ڪرپشن ته ان کي روڪڻ لاءِ ڪرپٽ حڪمرانن جي سامهون ٻي سياسي قوت آڻڻي پوندي ۽ ان لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر  في الحال سنڌ جا قومپرست ئي سامهون آيا آهن۔

 sup2

اڄ هزارين سنڌين جڏهن حيدر آباد ۾ داخل ٿي گشت ڪيو تہ  ڪافي سالن کان پو  شهر ۾َ نج  سنڌي سياست نظر آئي ،  سنڌ يونايٽڊ پارٽي جي  سينئر نائب صدر سيد زين شاه جا جلسي کي خطاب ۾  لفظ ڪافي وزنائتا هيا هن چيو ته  سالن کان اسٽيبلشمينٽ جهڙي طريقي سان ملڪ هلائي رهي آهي جيڪڏهن اڃان بہ ساڳي فارمولا تي هڪ دفعي پيپلا وري ليگلا واري مڪ مڪا هلي  تہ هي ملڪ هاڻي نہ هلي سگهندو ،هن چيو ڀلي زرداري سڀني ويڪائو وڏيرن کي گڏ ڪري

هاڻ غدارن ۽ وطن پرستن جو مقابلو ٿيندو جنهن ۾ ڪاميابي وطن پرستن جي ٿيندي

 .

سنڌ يونايٽڊ پارٽي  ڪافي وقت کان  دهشتگردي ،مذھبي انتهاپسندي ۽ ڪرپشن خلاف سنڌ مارچ ڪرڻ لاءِ تياريون پي ڪيون۔ اهو مارچ اڳ ۾ ڪراچي ۾ رٿيل هو ، پر اتي حڪومت قلم سئو چوئتاليهه لڳايو ته پارٽي پاران هنڌ تبديل ڪري حيدرآباد ڪيو ويو جنهن ته  هڪ دانشور ٽائيپ دوست تبصرو ڪيو ته جيڪي ڪراچي ۾  قلم سئو چوئتاليهه کان دڄن ٿا اهي سنڌ کي ڇا ڏيندا ، پر ڪراچي ۾ قانوني رڪاوٽ ڪري جلسو  حيدرآباد ۾ ڪرڻ پارٽي جي سربراه جلال شاهه جو دانشمندي وارو فيصلو هو۔ هي وقت اجائي شو بازي، ڦوشٽ ۽ لٻاڙ جو ناهي، سنڌ گهڻ طرفي هلائن جو شڪار آهي جنهن ۾ پنهجن حڪمرانن جي ڪرپشن به شامل آهي ، اهڙي ۾ سنڌين کي ڏسي وائسي قدم وڌائڻو آهي۔

sup1

ڪامياب سنڌ مارچ  نه صرف انهن لاءِ پيغام آهي جيڪي سنڌ کي مذهبي دهشت گردي ۽ ان جي سهولت ڪارن جي جنت سمجهي رهيا آهن بلڪه سنڌ جي انهن  وڏيرن ڏانهن به نياپو آهي ته هو ڀلي سنڌ جي عوام کي پٺي ڏئي سنڌ  ڦرڻ لاءِ هڪ هنڌ گڏ ٿين پر عوام انهن جي لٽ مار تي نظر ضرور رکيو ويٺو آهي۔ ، ان ڪري   جتي 70 سيڪڙو آبادي پير پرستي سڳورپ وڏيرپ ڪامورپ ۽ رهيل آبادي لساني مذهبي انتهاپسندي جي ور چڙهيل هجي اتي ترقي پسند سيڪيولر ۽ عوام دوست سياست ئي سماج کي حوصلو  ڏيئي سگهي ٿي.هن وقت لساني مذهبي گروهه جيڪي انتهاپسند دهشتگردي خلاف ٻرن ۾ لڪل آهن, سنڌ جي اهڙي نازڪ موڙ تي سنڌ دوست   اڳواڻن جو عملي طرح ماڻهن  سان بيهڻ ساراه جوڳو عمل آهي ۔ان لاءِ   هر انهي قومي ڪارڪن عورت توڙي مرد کي سلام آهي  جيڪي عملي طرح سياسي ميدان عمل ۾ سنڌ سان بيٺل آهن  ۽ اعلان ڪري رهيا آهن ته اڃان رڃ مان رڙ اچي پئي متان ائين سمجهين مئا مور سارا

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *