Friday , March 29 2024

حيدرآباد: سنڌيالوجي ۾ سنڌ فوڪ آرٽ ميلي جون تقريبون جاري

Hyderabad melo1
انسٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشوري ۾ سنڌ فوڪ آرٽ ميلي جو تقريبو ن شروع ٿي ويون آهن، ميلي ۾ آرٽ، هٿ جي هنر ۽ ڪتابن جا اسٽالز لڳائڻ سان گڏ مختلف پروگرام ڪيا ويا آهن، سسئي پليجو چيو آهي دهشت گردي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ته آرٽ فيسٽيول جهڙيون تقريبون ٿيڻ ضروري آهي.
پ پ سينيٽر سسئي پليجو، مهتاب اڪبر راشدي ۽ ڊاڪٽرفوزيا سعيد ميلي جي تقريبن جو افتتاح ڪيو.
ميلي ۾ آرٽ، هٿ جي هنرن ۽ ڪتابن جا اسٽالز لڳايا ويا آهن، جڏهن ته مختلف موضوعن تي بحث لاءِ ويهڪون پڻ جاري آهن.
ان موقعي تي ڳالهائيندي سسئي پليجو چيو ته سنڌ ۾ دهشت گردن جي سهولت ڪارن لاءِ ڪابه گنجائش نه هجڻ گهرجي.
هن چيو ته حڪومت دهشت گردي آڏو فڪري بند ٻڌڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.
فنڪشنل ليگ ايم پي اي مهتاب اڪبر راشديءَ چيو ته سنڌ ۾ دهشت گردن جي سهولتڪارن جو موجود هجڻ افسوسناڪ آهي.
لوڪ ورثا جي ڊائريڪيٽر فوزيا سعيد چيو ته سنڌ صوفين ۽ امن پسندن جي ڌرتي آهي ان ۾ اسان کي ان ۾ پيش آيل انتهاپسنديءَ جي واقعن بابت جواب ڳولڻو پوندو.
ميلي ۾ مختلف موضوعن تي ويهڪون پڻ ٿيون، جن ۾ اسحٰق سميجو، جامي چانڊيو، فيض سميجو، نفيسا هود ڀائي، اختر درگاهي ۽ ٻين پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو..

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *