Friday , March 29 2024

حيدرآباد: رينجرز کي اختيار ڏيڻ وارو مامرو ٻن ٽن ڏينهن ۾ حل ٿي ويندو:مولابخش چانڊيو

حيدرآباد:سنڌ جي سڌسماءُ جي کاتي بابت وڏي وزير جي صلاحڪار مولابخش چانڊئي چيو آهي سنڌ ۾ رينجرز کي اختيار ڏيڻ وارو معاملو ٻن ٽن ڏينهن اندر حل ٿي ويندو، سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ 5 ڏينهن اندر شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ ممڪن ناهي،ان ڪري آدمشماري بابت خدشن جو اظهار ڪيو. قاسم آباد ۾پنهنجي رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي صلاحڪار چيو ته سنڌ ۾ نئين گورنر جي مقرريءَ بابت سٺو فيصلو ٿيڻ گهرجي. مولا بخش چانڊيو چيو ته نوازليگ پاناما ليڪس معاملي تي ڦاسي وئي آهي، معاملو سندن پيڇو نه ڇڏيندو، وزيراعظم پاران ڇوٽ گهرڻ جو مطلب آهي ته وزير اعظم ڪوڙ ڳالهايو آهي. هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي ذميواري قبول ڪري استعفيٰ ڏئي عوام کان نئون مئنڊيٽ حاصل ڪري يا پارٽيءَ مان پنهنجي ڪنهن مائٽ کي وزيراعظم بڻائي. صوبائي صلاحڪار چيو ته قومي ادارن ۾ سڀني صوبن کي نمائندگي ملڻ گهرجي پر نوازليگ حڪومت ائين نه پئي ڪري. هن چيو ته پ پ کي چوڌري نثار مان تڪليف ان ڪري آهي جو هو دهشتگردن جو ساٿي ۽ سندن وڪيل بڻيل آهي، اها تڪليف تڏهن ختم ٿيندي جڏهن هو ملڪ سان سچو ٿيندو.

ان کان اڳ ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولابخش چانڊيو چيو ته ،  آدمشماري دوران ڪنهن به ڪميونٽي جو انگ گهٽايو يا وڌايو نه ويندو، سنڌ ۾ رهندڙ سمورين ڌرين کي پاڻ کي سنڌي ڳڻائڻ گهرجي،صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي 2017 ۾ اهم فيصلا ٿيڻا آهن،هن سال کي هميشه ياد رکيو ويندو. سنڌ ڪابينا جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مولابخش چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ بنا تيارين جي آدمشماري ڪرائڻ تي اسان کي خدشا آهن ۽ سينسس بلاڪ بابت سنڌ سرڪار کي آگاهه ڪيو وڃي. مولا بخش چانڊئي چيو ته آدمشماري بابت وڏو دٻاءُ آهي ۽ هي اهم مسئلو به آهي. منظور وساڻ پاران قائد اعظم کي گجراتي قرار ڏيڻ تي مولابخش چانڊيو چيو ته منظور وساڻ بادشاهه ماڻهو آهي جيڪو ڪڏهن ڪهڙي ته ڪڏهن ڪهڙي ڳالهه ڪندو آهي. مولا بخش چانڊئي چيو ته سندن خواهش آهي ته اردو ڳالهائيندڙ به آدمشماري واري فارم ۾ پاڻ کي سنڌي لکرائين. رينجرز جي اختيارن واري سمري بابت مولابخش چانڊيو چيو ته ان معاملي تي بحث ٿيو آهي ۽ معاملو سڀاڻي تائين حل ٿي ويندو. هن چيو ته چوڌري نثار جو بيان غير سنجيده آهي، سٺن ۽ خراب دهشتگردن جو فرق بيان ڪرڻ ضياالحق جي سياسي وارثن جو طريقو آهي. منظور وساڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آدمشماري فارم ۾ سموريون ٻوليون شامل ڪيون ويون پر گجراتي، بوهري ۽ پارسي کي شامل نه ڪيو ويو آهي ۽ اهي ٻوليون ڳالهائيندڙ پاڪستان جي قيام کان اڳ موجود هئا. هن چيو ته آدمشماري فارم ۾ قائد اعظم جي گجراتي ٻولي کي شامل نه ڪرڻ زيادتي آهي. ملڪي سياسي صورتحال بابت سوال جي جواب ۾ منظور وساڻ چيو ته هلندڙ سال دوران اهم فيصلا ٿيندا ۽ هن سال کي هميشه ياد رکيو ويندو……. سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ خلاف زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ ۽ ڪرپشن واري ڪيس جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن، وڪيل چيو آهي ته نيب زمين وڪرو ڪندڙ اصل جوابدارن بدران صديق ميمڻ کي هيسائي رهي آهي، نيب کي جاچ کان روڪيو وڃي، نيب پراسڪيوٽر چيو آهي ته ان وقت جي وڏي وزير کي زمين جي وڪري بابت موڪليل سمري جعلي هئي، زمين فرضي نالي تي وڪرو ڪئي وئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ جي اڳوڻي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ خلاف ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ 6 ايڪڙ زمين غير قانوني طور الاٽمينٽ ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. صديق ميمڻ جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته صديق ميمڻ زمين وڪرو نه ڪئي هئي، نيب جاچ جي نالي تي اڳوڻي چيف سيڪريٽري کي هيسائي رهي آهي، عدالت غير قانوني جاچ کي روڪرائي. نيب پراسڪيوٽر چيو ته صديق ميمڻ ۽ ٻين خلاف جاچ جاري آهي، سرڪاري آفيسر غلام عباس وڏي وزير کي زمين الاٽمينٽ لاءِ سمري اماڻي، تڏهوڪي وڏي وزير کي اماڻيل سمري جعلي هئي ۽ زيمن زمين محمد ايوب جي فرضي نالي تي الاٽ ڪئي وئي. عدالت درخواستگذار جي وڪيل کان7 فيبروري تي جواب طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *