Tuesday , April 16 2024

حيدرآباد جي مسوڀرڳڙي ۽ ميوو حاجاڻو ۾ به ايڊز هجڻ جو انڪشاف، وڏي انگ ۾ عورتون شامل

ايڊز جي اسڪريننگ لاءِ مسو ڀرڳڙي ۾ لڳايل ميڊيڪل ڪئمپ

حيدرآباد  (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) لاڙڪاڻو کانپوءِ حيدر آباد ۾ به ايڊز جي مريضن هجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته،350 ماڻهن جي اسڪريننگ دوران 30 ڄڻن کي ايڇ آءِ وي وائرس هجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، هڪ ڄڻو ڪجهه وقت اڳ فوت ٿي ويو هو، (سنڌسماءَچار ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ حيدر آباد ۽ ڄامشورو ۾ ايڊز جي مرض بابت رپورٽ ڪري چڪا آهيون). حيدر آباد جي ٻهراڙي واري علائقن مسو ڀرڳڙي ۽ ميوو حاجاڻو وارن علائقن ۾ 30 ڄڻن کي ايڊز جو مرض هجڻ جي تصديق ٿي آهي. ايڊز جي اسڪريننگ لاءِ لڳايل ڪئمپ اندر يوسي مسوڀرڳڙي ۾ 25 عورتن سميت 30 ڄڻن کي ايڊز هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، حيدرآباد ٻهراڙي جي مختلف علائقن ۾ ايڊز جهڙي موذي مرض کي سرڪار روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، ڳوٺ ميوو حاجاڻو ۾ ايڊز مبتلا نوجوان 35 سالن جو اشرف حاجاڻو فوت ٿي ويو، جنهن بعد رڳو ٻن ڳوٺن ۾ ٽن مهينن دوران ايڊز وگهي فوت ٿي ويل ڳوٺاڻن جو انگ 8 ٿي ويو، پي ٽي آءِ پاران ڳوٺ ميوو حاجاڻو ۾ ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪئي وئي، جتي يوسي جي مختلف ڳوٺن مان 400 جي لڳ ڀڳ ماڻهن جي اسڪريننگ ڪئي، جنهن دوران يوسي مسو ڀرڳڙي جي رڳو ٻن ڳوٺن ميوو حاجاڻو ۽ ڳوٺ آخوند جو بنگلو جي 30 ڳوٺاڻن کي ايڊز هئڻ جو انڪشاف ٿيو، جن ۾ 25 عورتون ۽ 3 ٻار شامل آهن، چيو پيو وڃي ته ان کان اڳ به ڄاڻايل ٻنهي ڳوٺن سميت يوسي جي مختلف علائقن ۾ ايڊز پکڙجڻ جو انڪشاف ٿي چڪو هو تنهن هوندي به ڳچ عرصو گذرڻ باوجود ايڊز ڪنٽرول پروگرام سميت صحت کاتي مرض جي پکيڙ جي روڪٿام لاءِ ڪي به قدم نه کنيا، جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو ان موذي مرض جي ور چڙهي ويا، جن مان اڄ هڪ ڄڻو حياتي به وڃائي ويٺو، اسڪريننگ دوران پي ٽي اي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو ته صوبائي سرڪار وٽ اربين رپيا بجيٽ هئڻ باوجود ايڊز وگهي ماڻهو مري رهيا آهن، پيپلزپارٽي عوام کي اٽو، لٽو ۽ اجهو ته ڏئي نه سگهي پر سٺي صحت به ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي.

سنڌ ۾ ايڊز بابت سنڌسماءَچار جي ايڪسڪليوز اسٽوري

سنڌ ۾ ايڊز جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف، ڊاڪٽر آن دي رڪارڊ ڳالهائڻ کان گهٻرائڻ لڳا

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *