Wednesday , April 24 2024

حيدرآباد جي تبليغي مرڪز ۾ موجود 31ڄڻن کي ڪرونا جي تصديق ٿي وئي

حيدرآباد جي تبليغي مرڪز ۾ ڪرونا متاثر تبليغي جماعت جي ماڻهن جي موجودگي واري خبر سڀني کان اڳ سنڌسماءَچار بريڪ ڪئي هئي

ڪراچي ( رپورٽر   سنڌ سماءَچار) حيدر آباد جي تبليغي مرڪز ۾ موجود 200 کان وڌيڪ تبليغي جماعت جي ماڻهن مان 31 ڄڻن کي وائرس هجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، سرڪاري انگ اکرن مطابق سنڌ ۾ متاثرن جو سرڪاري انگ 566 ٿي ويو آهي، هڪ ڏينهن دوران ڪراچي ۾ ڪرونا متاثرن جي فوتين جو انگ 3 ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ متاثرن جو انگ 1754 ٿي ويو آهي، پنجاب ۾ هڪ شخص جي فوت ٿيڻ کانپوءِ ملڪ ۾فوتين جو انگ 23 ٿي ويو آهي.

صحت کاتي سنڌ جو چوڻ آهي ته حيدرآباد جي قاسم آباد جي ميمڻ سوسائٽي واري علائقي ۾ قائم تبليغي مرڪز ۾ نور مسجد ۾ ترسيل 200 تبليغين جي ڪرونا ٽيسٽ ڪرائي وئي، جن مان سمور جي شام جو دير سان 31 ڄڻن کي  ڪرونا ٽيسٽ اچي وئي آهي، جن سمورن کي وائرس جي تصديق ڪئي وئي آهي. تصديق ڪيل سمورن مريضن کي سندن ٻين ساٿين کان الڳ ڪري علاج شروع ڪيو ويو آهي.

صحت کاتي جي صوبائي وزير عذره پيچوهو موجب ڪراچي ۾ وڌيڪ هڪ عورت جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي ۽ فوتين جو انگ سنڌ ۾ 6 ٿي ويو آهي. ڪراچي ۾ متاثر مريضن جو انگ 249 ٿي ويو آهي،جڏهن ته حيدرآباد ۾ 31 نون ڪيسز کانپوءِ متاثرن جو انگ 43 ٿي ويو آهي، سکر ۾ ساڳيا 265 آهن، لاڙڪاڻي ۾ 7 ۽ دادو ۾ هڪ مريض علاج هيٺ آهن،جيڪب آباد ۾ به هڪ مريض هجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي. ڪراچي ۾ ٻن ڄڻن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ مجموعي طور فوتين جو انگ 5 ٿي ويو آهي.وڏي وزير چيو آهي ته سمورا ڪيسز مقامي سطح تي منتقلي جا ٿيا آهن، هاڻي مقامي سطح تي ڪيسز جي وڌڻ جو انگ 205 ٿي ويو آهي.

پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪر ياسمين راشد جو چوڻ آهي ته پنجاب۾ وڌيڪ 45 ڄڻن جي نون ڪيسز جي رپورٽ ٿيڻ کانپوءِ صوبي ۾ مجموعي طور تي متاثرن جو انگ 638 ٿي ويو آهي، صحت کاتي پنجاب موجب ۾ لاهور ۾ هن وقت تائين 126 ڪيسز سامهون آيا آهن، گجرات ۾ 62، جهلم ۾ 28، راولپنڊي ۾ 40، ننڪانه صاحب ۾ 13، گوجرانوالا ۾ 11، فيصل آباد ۾ 9، ڊي جي خان ۽ حافظ آباد ۾ 5-5، منڊي بهاول الدين ۾ 4، ميانوالي ۾3 سميت ٻين شهرن ۾ ڪيسز جي تصديق ٿي آهي. پنجاب ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي چُڪا آهن. ڪي پي جي سڌسماءَ واري صلاحڪار اجمل وزير پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته، خيبرپختونخوا:ڪي پي ۾ وڌيڪ 26 ڪيسز کانپوءِ صوبي اندر متاثر مريضن جو انگ 217 ٿي ويو آهي، صحت کاتي تصديق ڪندي چيو آهي ته ڪورونا وبا سبب صوبي ۾ متاثرن جو انگ 217 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته 5 ڄڻا فوت ٿي چُڪا آهن.

بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال چيو آهي ته، بلوچستان:بلوچستان ۾ به وڌيڪ ٽن متاثر مريضن جي تصديق کانپوءِ صوبي ۾ متاثر مريضن جو انگ وڌي 144 ٿي ويو آهي، صوبي ۾ 4 ڊاڪٽرز سميت ٻين ڪيترن ئي ڄڻن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي،صوبي ۾ هڪ مريض فوت ٿي چڪو آهي.

ٻئي پاسي گلگت بلتستان ۾ به ڪورونا وائرس جا 5 نوان ڪيسز سامهون اچي ويا آهن، جنهن سبب متاثر مريضن جو انگ وڌي 128 ٿي ويو آهي، گلگت ۾ هيل تائين 2 متاثر مريض فوت ٿي چُڪا آهن. اسلام آباد: گادي واري شهر ۾ اڄوڪي ڏينهن ۾ 8 نون ڪيسز کانپوءِ متاثر مريضن جو انگ وڌي 51 ٿي ويو آهي. گذريل ڏينهن متاثرن جو مريضن جو انگ 43 هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *