Thursday , March 28 2024

حليم عادل شيخ پاران هندو نارين جي اغوا ۽ زبردستي مذهب تبديلي خلاف ٺهراءَ جي مخالفت

ڪراچي (رپورٽر   سنڌسماءَچار ) سنڌ اسيمبلي ۾ جي ڊي اي پاران هندو نارين کي اغوا ڪري زبردستي مذهب جي تبديلي خلاف پيش ڪيل ٺهراءَ جي تحريڪ انصاف مخالفت ڪري ڇڏي، ٺهراءَ مان ”هندو“ لفظ خارج ڪرڻ بعد ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، پي ٽي آءِ جي ايم پي اي حليم عادل شيخ جي سخت مخالفت بعد ٺهراءَ مان هندو جو لفظ ڪڍيو ويو. سنڌ ۾ نياڻين کي اغوا ڪري زبردستي مذهب مٽائي پرڻائڻ واري عمل جي مذمت ڪندي اهڙي عمل ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏيڻ وارو ٺهراءِ منظور ڪيو ويو آهي. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) ايم پي اي ۽ فنڪشنل ليگ اڳواڻ نند ڪمار گوڪلاڻي سنڌ مان هندو نارين جي اغوا ۽ بعد ۾ زبردستي مذهب تبديل ڪرڻ خلاف ۽ ان ۾ ملوث ماڻهن کي سخت سزا ڏيڻ بابت ٺهراءُ پيش ڪيو ڪيو، جنهن تي تحريڪ انصاف جي ايم پي اي حليم عادل شيخ سخت مخالفت ڪئي، حليم عادل شيخ جي مخالفت بعد نندڪمار پاران پيش ڪيل ٺهراءَ مان ” هندو“ جو لفظ خارج ڪيو ويو.

نند ڪمار گوڪلاڻي ٺهراءِ پيش ڪندي چيو ته ڪجهه عرصي اندر 41 هندو نارين کي زبردستي اغوا ڪري مسلمان ڪيو ويو آهي، اسان سنڌ جا وارث آهيون ، ڪو داد رسي نه ٿا ڪري سگهو ته پوءِ هڪ ڌڪ ۾ اسان سڀني هندن کي مسلمان ڪري ڇڏيو ، ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ ايم پي اي منگلا شرما چيو ته هندو ڇوڪريون صرف سنڌي ڇوڪرن هٿان اغوا ڇو ٿيون ٿين ؟ اهي پٺاڻ يا مهاجر ڇوڪرن هٿان اغوا ڇو نه ٿيون ٿين؟ هن چيو ته ستر سالن ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته سنڌ ۾ احتجاج ۽ بک هڙتالون ڪيون پيون وڃن، سنڌ اسيمبلي ۾ هندن جي تحفظ لاءِ سٺي قانونسازي ڪئي وئي آهي، انگن اکرن موجب سنڌ ۾ اقليتي آبادي ۾ گهٽتائي ٿي آهي، هن چيو ته ڪهڙا سبب آهن جو هندو ڇوڪريون سٺن خاندانن ۾ ٿيل رشتا ڇڏي 11 هزار ڪمائيندڙ 5 ٻارن جي پيءُ سان شاديون ڪن ٿيون؟ هن چيو ته اسان صدين کان هن ڌرتي تي رهون پيا، اسان کي هتي ئي رهڻ ڏنو وڃي. ٺهراءِ تي ڳالهائيندي اقليتي معاملن واري صوبائي وزير هريرام ڪشوري لال چيو ته سنڌ ۾ جلد منارٽي ڪميشن جوڙي ويندي، چيو پيو وڃي ته زوري مذهب تبديل ڪرائڻ سبب لڏپلاڻ ٿي رهي آهي پر ائين ناهي، ٿرپارڪر ۾ ڪهڙو مسئلو آهي، جتان لڏپلاڻ ٿي رهي آهي؟ ٿرپارڪر مان بک بدحالي سبب لڏپلاڻ ٿي آهي، مسلمان به اسان جي ڏک ۾ شريڪ آهن، پنهنجي ڌرتي ڇڏڻ تمام ڏکي آهي، هريرام چيو ته ان تي سوچڻو پوندو ته اهڙا واقعا پيش ڇو اچي رهيا آهن؟.

پي ٽي آءِ جي پارلياماني اڳواڻ حليم عادل شيخ ٺهراءُ جي مخالفت ڪندي چيو ته حيدرآباد جي رهواسڻ نياڻي هندو نه پر مسلمان هئي، جنهن کي درندگي جو نشانو بڻايو ويو، هتي ايترو ظلم ناهي جيترو انڊيا ۾ ٿي رهيو آهي، هي مذهبي نه پر معاشرتي مسئلو آهي،هن کي مذهبي معاملو نه بڻايو وڃي، رڳو هندو نه پر مسلمان ڇوڪرين بابت به ٺهراءُ اچڻ گهرجي ته بهتر ٿئي ها، تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته هن معاملي کي انتهائي سنجيده وٺڻ گهرجي، 47ع ۾ لڏ پلاڻ جو بنياد پيو هو، لڏپلاڻ تي ايوب کهڙو جي ايم سيد ۽ راشدي پشيماني جو اظهار ڪيو هو، هن ملڪ ۾ ورهاڱي وقت غلط سياست ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ لڏپلاڻ ٿي هئي، هن چيو ته اسان وٽ ٻڌي طور مسلمان وڏو گوشت گهٽ واپرائيندا آهن نان مسلم جيڪڏهن هنن مسئلي کي جذباتي ۽ مذهبي طور وٺندو ته ان جو نقصان ٿيندو، هندستان ۾ ڪٽر هندو بال ٺاڪري جي ڌيءَ به مسلمان ٿي وئي، هن معاملي تي سموريون پارٽيون سنجيده آهن هن ٺهراءُ کي ان نوٽ سان پاس ڪيو وڃي ته هر طرح جي اغوا کي ننديو وڃي ٿو ، سردار شاه چيو ته هندو مذهب کي تاريخ ۾ سنڌو مذهب سڏيو ۽ لکيو ويو آهي، ايم ايم اي جي عبدالرشيد چيو ته قصور جي زينب کان ويندي ملير ۾ ٿيندڙ واقعن تائين سمورن واقعن جي مذمت ڪرڻ گهرجي، هن ٺهراءُ مان هندو لفظ ڪڍيو وڃي، پي ٽي آءَ جي خرم شير زمان به چيو ته ٺهراءِ مان هندو لفظ ڪڍي ٺهراءِ پاس ڪيو وڃي ، جنهن بعد نند ڪمار سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيل ٺهراءُ مان هندو لفظ ڪڍي ترميم ڪرڻ بعد ٺهراءُ گڏيل اتفاق سان پاس ڪيو ويو.

صحافي جو سوال! جلال محمود شاهه ۽ ادريس چانڊيو چڙي پيا

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *