Thursday , March 28 2024

جڏهن ميرپور خاص گلن جي خوشبوءَ سان مهڪي پيو

 MPK flower2

ميرپور خاص ۾ مختلف تنظيمن پاران هر سال جيان هن ڀيري به بلديا پارڪ ۾ 59 هين گلن جي نمائش لڳائي وئي، جنهن ۾ شهرين ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ميرپور خاص ۾ ٿيل گلن جي نمائش جو افتتاح  گلاب، چنبيلي، موتيو سميت موسمي گلن سان گڏوگڏ مختلف قسمن جا  سدابهار گل پڻ رکيا ويا آهن.

بلديا پارڪ ۾ لڳل نمائش جو افتتاح  ضلعي چيئرمين مير انور ٽالپر، ڪمشنر ميرپور خاص شفيق احمد مهيسر ۽ ڊي آئي جي جاويد عالم اوڍو ڪيو.

ان موقعي تي ضلعي چئيرمين مير انور ٽالپر چيو ته گل فطرت جو املهه  ۽ حسين تحفو آهن.

هن چيو ته پبلڪ پارڪس جي بهتري لاءِ ڪيتريون ئي نيون اسڪيمون شروع ڪيون ويون آهن.

ڪمشنر شفيق احمد مهيسر چيو ته گل انساني احساسن تي هاڪاري اثر وجهن ٿا.

 هن چيو ته گلن جي نمائش ۾ سرڪاري ۽ خانگي ادارن گلن جون نيون جنسون متعارف ڪرايون ويون آهن.

 هن چيو ته نمائش لڳائڻ سان گلن ۽ ماحوليات بابت ڄاڻ ملڻ سان گڏوگڏ شهرين کي تفريح جو موقعو به ملي ٿو.

 نمائش ۾ گلاب، چنبيلي، موتيو سميت موسمي گلن سان گڏوگڏ مختلف قسمن جا  سدابهار گل پڻ رکيا ويا آهن.

نمائش ۾ مرڪزي عيدگاھ ڪميٽي، هارٽيڪلچر انسٽيٽوٽ، ڀٽائي ڊينٽل ڪاليج ، محمدي ميڊيڪل ڪاليج سميت مختلف ادارن پاران گلن جا اسٽال لڳايا ويا آهن.

MPK flower3

شهرين توڙي اسڪولي ٻارن جي  وڏي انگ  نمائش ۾ شريڪ ٿي رنگ برنگي  گل ڏٺا ۽ انهن کي پسند ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

ميرپورخاص: شهيد بينظير ڀٽو سيڊ فارم ۾ بينظير رهائشي ڪالوني ٺاهڻ خلاف هارين جو احتاج

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ سيڊ فارم جي آباد زمين تي بينظير ڪالوني ٺاهڻ خلاف علائقي واسين …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *