Saturday , April 20 2024

جهيڙو گهر جو، ڪاوڙ سنڌي قوم تي، فنڪارا صنم ماروي جا سنڌي قوم کي پٽون ۽ پاراتا

فنڪارا صنم ماروي جا سنڌي قوم کي پٽون ۽ پاراتا

الله ڪري سنڌ واسي سٺي فنڪار لاءِ سِڪي مرن: راڳ ڇڏڻ جو اعلان ڪندڙ صنم ماروي

ڪراچي (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) مشهور فنڪارا ۽ لاهور واسي شخص سان شادي ڪرڻ ب عد کائنس طلاق وٺندڙ صنم ماروي سنڌي قوم کي پِٽُون ۽ پاراتا ڏيڻ شروع ڪري ڏنا آهن، سدائين گهريلو تڪرارن جَي ور چڙهيل مشهور فنڪارا صنم ماروي، هڪ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو آهي ته “ الله ڪندو سنڌ واسي سٺي فنڪار لاءِ سڪي مرندا، الله ڪري هنن کي ڪڏهن به ڪو سٺو آرٽسٽ نه ملي”. مشهور فن ڪارا صنم ماروي هڪ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ٻن هفتن اندر ڳائڻ کان بس ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، صنم ماروي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته هوءَ زندگي بچائڻ لاءِ ڳائڻ ڇڏيان پئي، جيڪڏهن ائين نه ڪيو ته مونکي منهنجا مخالف مارائي ڇڏيندا، ان ڪري زندگي بچائڻ لاءِ ڳائڻ وارِي فيلڊ ڇڏيا پئي. صنم ماروي چيو ته پاڪستان ۾ عزت ملي آهي پر سنڌ واسين رڳو گاريون ڏنيون آهن، سنڌ جي ڪري ئي ڳائڻ ڇڏي رهي آهيان.

ڪجهه هفتا اڳ لاهرو واسي مڙس کان طلاق وٺندڙ فنڪارا صنم ماروي پنهنجي ڀيڻ ريشما پروين جَي الزامن جو جواب ڏيندي هڪ وڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته مونکي خبر آهي ته تنهنجي ۽ حامد بهلول (صنم ماروي جو اڳوڻو مڙس) جي وچ ۾ ڇا پيو هلي. ايس ايس پي پير محمد شاهه جو نالو استعمال ڪرڻ تي صنم ماروي ڀيڻ کي ڌمڪي ڏيندي چيو ته مان به ٻروچ آهيان، ميراثي ناهيان.

صوبائي وزير شبير بجاراڻي جي تڪ تنگواڻي ۾ عورت ٻار کي گند جي ڍير تي جنم ڏنو، ٻار فوت

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *