Friday , March 29 2024

جنهن انتهاپسندي ۽ رجعت پسند سوچ کي للڪاريو موجوده پ پ ان سوچ تان هٽي وئي آهي: تجزيانگار شهاب اوستو

zardari & bilawal

نامياري قانوني ماهر ۽ تجزيانگار شهاب اوستو چيو آهي ته، جيڪڏهن پيپلز پارٽي ايندڙ عام چونڊن مان ڪلين سوئيپ يا واري وڏي اڪثريت سان کٽي ويا ته، ڇا ان ۾ سندن ڪارڪردگي جو ڪردار هوندو يا وري سنڌ جي ماڻهن جي بدقسمتي هوندي.

هڪ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي شهاب اوستو چيو ته، شهيد بينظير ڀٽو جڏهن آخري ڀيرو وطن واپس آئي هئي ته سندس سوچ ماضي جي ڀيٽ ۾ گهڻو تبديل ٿيل هئي. کيس پڪ ۽ مٿس واضع ٿيل هو ته سندس حياتي کي انتهاپسندن مان خطرو آهي. بينظير ڀٽو پاڻ به اها ڳالهه سمجهي رهي هئي پر ان جي باوجود به هن اهڙي انتهاپسندي ۽ رجعت پسند سوچ جي خلاف بيهي رهي ۽ ملڪ ۾ جلسا شروع ڪري ڏنا ۽ هوءَ شهيد ٿي وئي.

شهاب اوستو چيو ته، بينظير ڀٽو کانپوءِ واري پيپلزپارٽي اُها پارٽي نه رهي آهي، بينظير ڀٽو جي انتهاپسندي خلاف جيڪا سوچ هئي ان تي قائم نه رهي آهي.

هن چيو ته 2013 وارين چونڊن ۾ پ پ جو اهو جواز به انتهائي غير اهم هو ته، “ کين کي پ پ کي انتهاپسندن مان خطرو آهي انڪري اُهي چونڊ مهم نه هلائيندا يا جلسا نه ڪندا”، جنهن جو مقصد اهو هو ته انهن بينظير ڀٽو جي ان للڪار کي پٺي ڏئي ڇڏي جنهن تي قائم رهندي هُن جان جو نذرانو ڏئي ڇڏي.

هڪ سوال جي جواب ۾ شهاب اوستو چيو ته، کيس اهڙن پڙهيل لکيل ۽ سڄاڻ ماڻهن تي ڪاوڙ لڳندي آهي، جيڪي حڪومت سنڌ جي موجوده حالتن ۾ ٻن ٻيڙين ۾ ويٺا آهن. هن چيو ته جيڪو ماڻهو پنهنجي ماضي ۾ ڪو به موقف رکندو هجي ۽ اڄ پنهنجي ماضي واري مخالف سان گڏ ويٺو آهي ۽ چٽي طرح هڪ پاسي ويٺل آهي. ٻيا وري اهڙا ماڻهو آهن جيڪي هڪ ڌر جي پوءِ اها حڪومتي ڌر ئي ڇونه هجي ان جي مخالفت ڪندا هجن ۽ وري انهن سان گڏ به وڃي ويهن،وري مخالفت ڪن ائين نه ٿيڻ گهرجي اوهان کي پنهنجو نظريو ۽ موقف چٽو ۽ واضع رکڻ گهرجي. جيڪي ماڻهو چٽيءَ طرح عوام مخالف سوچ سان وڃي بيهن ٿا انهن جي ڪردار ۽ عمل جو فيصلو تاريخ ڪندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *