Thursday , April 25 2024

جناح اسپتال سنڌ حڪومت جي انتظامن مان واپس وفاق ڏانهن کسڪڻ لڳي…؟؟

اسلام آباد ( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) چيف جسٽس ثاقب نثار 18 هين آئيني ترميم واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ بئچ جوڙڻ واري رضا رباني جي استدعا رد ڪري ڇڏي، چيف جسٽس چيو آهي ته عدالت 18 هين ترميم جو جائزو نه پئي وٺي، اسان جي سامهون ڪجهه اسپتالن جو صوبن حوالي ٿيڻ وارو معاملو آهي، ان کي ڏسي رهيا آهيون عدالت چئني صوبن جي ايڊووڪيٽ جنرلز کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ 18 هين ترميم تحت صوبائي اختيارن واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران رضا رباني جي وڪيل چيو ته عدالت ڪالهه 18 هين ترميم تي سوال اٿاريا هئا، مناسب هوندو ته معاملي تي فل ڪورٽ جوڙي وڃي. سپريم ڪورٽ معاملي تي فل ڪورٽ جوڙڻ واري سينيٽر رضا رباني جي استدعا رد ڪري ڇڏي، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته عدالت 18 هين ترميم جو جائزو نه پئي وڃي، عدالت جي سامهون 18 هين ترميم تحت ڪجهه اسپتالن جو آهي، رضا رباني چيو ته 18 هين ترميم بعد وضاحت لاءِ 19 ترميم آندي وئي، عدالت جي آبزرويشن جو احترام ڪيان ٿو، ڪيس ۾ پنهنجا دليل جاري رکندس. چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن صوبا صحت جي شعبي جي بهتري لاءِ ڪوشش نه ڪن ته ڇا وفاقي سرڪار مدد لاءِ اڳتي نه اچي، ڇا صوبن کي صحت جي شعبي جو مڪمل اختيار ڏنو وڃي، ڇا وفاقي سرڪار ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ڪو به ڪردار ادا نه ڪري سگهندي؟

رضا رباني چيو ته ٿي سگهي ٿو ته منهنجي تشريح غلط هجي، آئين موجب صحت جو شعبو صوبن کي ڏسڻ گهرجي، جيڪڏهن اسپتالون صوبن کي نه ملنديون ته آئين جو آرٽيڪل پنهنجو اثر وڃائي ويهندو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته عدالت 18 هين ترميم کي آئيني ۽ درست قرار ڏنو آهي، پر هي معاملو سياسي اشو ناهي. چيف جسٽس چيو ته اسان جي سامهون ننڍن صوبن جو سوال ناهي، ننڍن وڏن صوبن جو فرق نه ڪرڻ گهرجي، عدالت جي سامهون سوال قانوني آهي، عدالت کي رڳو قانوني نقطي جي تشريح ڪرڻي آهي، چيف رضا رباني کي مخاطب ٿيندي چيو ته رضا رباني صاحب اوهان جي ڊگهي سياسي جدوجهد آهي، اهڙي شخصيت کي ننڍي وڏي صوبي جو فرق پيدا نه ڪرڻ گهرجي. اوهان چاهيو ٿا ته غريبن کي صوبائي حڪومتن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏيون، اوهان جي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته، وفاقي حڪومت اسپتالون ٺاهي صوبن حوالي ڪري ۽ وفاق رڳو گرانٽ ڏئي، باقي ڪردار صوبن جو هجي.چيف جسٽس چيو ته لائبريري ۽ ميوزيم تي به صوبا پنهنجي انتظامن هيٺ وٺن.

ٻڌڻي دوران ان موقعي تي جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته وفاقي سرڪار صوبي ۾ لائبريري ۽ ميوزيم کي ڪنٽرول ۽ مالي فنڊنگ ڪري سگهي ٿي، رضا رباني چيو ته آئين لائبريري ۽ ميوزيم جي حد تائين وفاقي سرڪار کي اختيار جي استعمال جي اجازت ڏئي ٿو. رضا رباني چيو ته جناح اسپتال جو تاريخي منظر ڏيڻ جو مقصد آئيني غلطي جي نشاندهي ڪرڻ آهي، 1961 ۾ اها اسپتال صوبي کي ملڻ گهرجي ها، ان وقت کان اها غلطي ٿيندي پئي آهي. جنهن بعد سپريم ڪورٽ چئني صوبن جي ايڊووڪيٽ جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، شيخ زيد اسپتال لاهور جي معاملي تي وفاق کي نوٽيس جاري ڪيا ويا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *