Friday , March 29 2024

جماڻي ڀائرن جي شگر ملز انتظاميه خلاف احتجاج، آبادگارن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل

خيرپور ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) بااثر واپاري جي خيرپور شگرملز انتظاميا جي ناجائزين خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرائي لاڪ اپ ڪيو ويو آهي. 5 ڏينهن گذرڻ باوجود آبادگارن جي ڪير به داد رسي ڪرڻ وارو ناهي. گمبٽ ۾ آبادگارن پاران شگر ملز جي ناجائزين خلاف احتجاج ڪرڻ تي گرفتار ڪيل آبادگارن کي 5 ڏينهن گذرڻ باوجود آزاد ناهي ڪيو ويو. آبادگارن پاران احتجاجي تحريڪ هلائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ سيال ھائوس ۾ ڪوٺايل گڏجاڻي دوران حسام الدين شاهه راشدي سميت ٻين پورهيتن جي گرفتاري ۽ شگر ملز مافيه جي ناجائزين تي ويچاريو ويو. ان موقعي تي آبادگار اڳواڻ لعل بخش سيال ۽ ٻين چيو ته پ پ ايم پي اي نعيم احمد کرل، گهرو وزير سهيل انور سيال جي ڀاءُ طارق انور سيال، ڊي سي خيرپور ۽ ايس ايس پي خيرپور پاڪ ڪتاب تي هٿ رکي مطالبا منظور ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي. هنن چيو ته 5 ڏينھن گذرڻ باوجود هن وقت تائين ناهن مڃيا ويا. آبادگارن جو چوڻ آهي ته، شگر ملز مافيا پرامن احتجاج ڪرڻ تي آبادگار اڳواڻ سيد حسام الدين شاهه راشدي، صحافي جمال محمود کهڙو، وحيد کهڙو ۽ محمد يعقوب سميت ٻين آبادگار خلاف دهٽستگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ پيرسن آبادگار اڳواڻ حسام الدين راشدي کي لاڪ اپ ڪيو ويو آهي.

سندن چوڻ ھو ته ايس ايس پي خيرپور غلام شبير سيٺار ۽ ڊي سي خيرپور محمد نواز سوهو شگر ملز مافيه جي وانگار وهي رهيا آهن ۽ ھو آبادگارن سان ٿيندڙ ناجائزين ۾ پڻ شگر ملز مافيا سان ملوث آهن، ڊي سي خيرپور کي شگر ملز مافيا جي ناجائزين بابت ٻڌايو پر ڊي سي فون اٽينڊ ڪرڻ لاءِ به تيار نه آهي. ھنن جو چوڻ هو ته، هن وقت به شگر ملز مافيا وياجين وارو ڪم ڪري رهي آهي.ڪمند جي هر ٽرالي تي 50 کان 70 مڻ تائين ڪٽوتي ڪندي آبادگارن کي ايڊنٽون نه پيو ڏنيون وڃن. آبادگار اڳواڻن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، آرمي چيف ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته آبادگارن تي ٿيل اي ٽي سي جا ڪوڙا ڪيس ختم ڪري آزاد ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي ۽ شگر مل خيرپور آڏو مرڻ گهڙي تائين سخت احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *