Friday , April 19 2024

جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي گهر تي ٻيهر ڇاپو، 25 کان وڌيڪ اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتار

پوليس جو شهيد بشير خان قريشي جي بيمار فرزند ڪوثين قريشي تي تشدد، امجد مهيسر سوڌو 25 کان وڌيڪ ڪارڪن به گرفتار

ڪراچي(رپورٽ آفاق ڀٽي    سنڌسماءَچار) جسقم چيرمين صنعان خان قريشي جي گهر تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڇاپو، شهيد بشير خان جي بيمار پٽ تي تشدد، امدج مهيسر سوڌو 25 کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار. پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن هٿان ٽي ڏينهن اڳ گرفتار ڪرڻ بعد کيس  گم ڪرڻ باوجود سندس گرفتاري ظاهر ناهي ڪيو ويو، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن اربع جي رات دير سان صنعان خان قريشي جي گهر تي ڇاپو هڻي گهر اندر داخل ٿي ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ شهيد بشير خان قريشي جي پٽ جي ايم قريشي تي تشدد ڪري کنڀي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي..

ان موقعي تي ته ڪوثين قريشي مزاحمت ڪري کي ڇڏائي ورتو، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته پوليس بشير خان جي گهر تي چڙهائي ڪري اتي موجود جسقم اڳواڻ امجد مهيسر سميت 25 کان وڏيڪ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري کڻي وئي آهي. بشير خان قريشي جو ننڍو فرزند جي ايم قريشي گڙدن جي عارضي ۾ مبتلا آحي سندس هڪ گڙدو خراب ٿي وڃڻ ڪري آپريشن ڪري ڪڍيو ويو هو ۽ هاڻي هو هڪ گڙدي تي حياتي گذاري رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *