Friday , April 19 2024

” تنهنجو حشر به تنهنجي اَمي جهڙو ڪنداسين“، دهشتگرد احسان الله احسان جي بلاول کي ڌمڪي

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار) سيڪيورٽي فورسز جي چنبي مان ڀڄي ويل دهشتگرد احسان الله احسان، پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زردري کي ڌمڪي ڏني آهي ته، “ تنهنجو حشر به تنهنجي اَمي جهڙو ڪنداسين، اسان ملڪ جي ملڪ جي بقا خاطر هميشه اسلام پسندن قربانيون ڏنيون آهن”. دهشتگرد قرار ڏئي پابندي مڙهيل طالبان جي مفرور اڳواڻ سماججي رابطن جي ويب سائيٽ ٽويٽر تي هڪ ٽويٽ پيغام جاري ڪندي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي موتمار ڌمڪي ڏني آهي، طالبان اڳواڻ ملان احسان الله احسان اڻڄاتل هنڌ تان ٽويٽ ۾ بلاول ڀٽو زرداري کي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته،  “ ملڪ جي بقا خاطر هميشه اسلام پسندن قربانيون ڏنيون آهن، تنهنجي ماءُ، پيءُ ۽ ڏاڏي بي مذهبين صرف ڦر لٽ ۽ بادشاهتن سان کيڏيا آهن”، احسان الله احسان بلاول کي ڏنل ڌمڪي ۾ ساڻس مخاطب ٿيندي وڌيڪ چيو آهي ته “ ملڪ جي نظرياتي سرحدن خاطر تو جهڙن سان وڙهندا رهنداسين بلاول جو انجام به سندس ماءُ جهڙو ٿيندو.”

بلاول کي مليل ڌمڪي جي تصديق ڪندي پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ ايم اين اي نفيسا شاهه چيو آهي ته احسان الله احسان جي ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون، پنهنجي جري ڪيل بيان ۾ نفيسا شاهه وڌيڪ چيو آهي ته، هڪ خطرناڪ دهشتگرد احسان الله احسان کي فرار ڪرائڻ ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ وفاقي گهرو وزير ملوث آهن، عمران خان پارليامينٽ اندر به شهيد بينظير ڀٽو کي شهيد نه چيو پر هڪ دهشتگرد اساما بن لادن کي شهيد قرار ڏنو هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *