Saturday , April 20 2024

تعليمي ادار  11 آڪٽوبر کان معمول مطابق کُلي ويندا

اسلام آباد ( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار)  ڪرونا وائرس سبب جُزوي طور کوليل تعليمي ادارا هاڻي 11 هين آڪٽوبر کان معمول مطابق کوليا ويندا. رٿابندي واري وفاقي وزير ۽ اين سي او سي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪرونا جي ڪيسن ۾ وڏي پئماني تي گهٽتائي اچي وئي آهي انڪري فيصلو ڪيو آهي ته، ملڪ اندر سمورا تعليمي ادارا معمول مطابق کوليا ويندا. اين سي او سي جي اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل بيان ۽ ٽويٽ ۾ اسد عمر چيو آهي ته، ملڪ ۾ ڪرونا کان بچاءَ واري ويڪسين جو وڏي پئماني تي ٿيڻ ۽ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ سان ملڪ ۾ ڪرونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ ۾ وڏي  پئماني تي گهٽتائي ٿي اچي وئي آهي، ان سان گڏ ويڪسينيشن پروگرام جي وڌيڪ ڪاميابي ۽ وڌ کان وڌ ماڻهن کي ويڪسين ڪرڻ لاءِ اين سي او سي صوبائي حڪومتن سان ملي ڪم ڪري رهي آهي. اسد عمر چيو ته تعليمي ادارن ۾ به باقائدگي سان ڪرونا ويڪسينيشن لاءِ بندوبست ڪيو پيو وڃي.

اسد عمر چيو ته 11هين آڪٽوبر کان سمورا سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارا معمول مطابق ڱُلي ويندا، ان سان گڏوگڏ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرايو ويندو، ڪنهن به صورت ۾ ڪابه رعايت نه ڪئي ويندي ۽ نه لاپرواهي کي برداشت ڪيو ويندو. ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ ادارن خلاف اين سي او سي جي طئه ڪيل ضابطن تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. ان کان اڳ تعليم جي وفاقي وزير شفقت محمود گذريل مهيني 16 سيپٽمبر کان تعليمي ادارا جزوي طور کولڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن مطابق ڪلاسن ۾ شاگردن جي حاضري کي پنجاهه سيڪڙو جي حساب سان روزانو اٽينڊس سان تعليمي ادارا کوليا ويا هئا، جنهن تحت شاگردن جا هفتي ۾ ٻه کان ٽي ڪلاسز ورتا ويندا هئا، جنهن سان پنجاهه سيڪڙو واري حاضري جي فيصلي تي عمل ٿي رهيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *