Friday , April 26 2024

تحريڪ انصاف ۽ پيپلزپارٽي جو ڳٺ جوڙ، اين ڊي خان جو پٽ اڳئين مورچي تي

پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ اين ڊي خان جو پٽ خالد جاويد خان پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ اٽارني جنرل مقرر

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي    سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف جو ڳٺ جوڙ آهستي آهستي ظاهر ٿي رهيو آهي، پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ، اڳوڻي قانون واري وفاقي وزير پروفيسر اين ڊي خان جي پٽ خالد جاويد خان کي اٽارني جنرل آف پاڪستان مقرر ڪيو ويو آهي، خالد جاويد خان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن خلاف مخصوس ڪيسز ۾ نرم رويو رکندو،  سنڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق وفاقي حڪومت سان پيپلزپارٽي جون تحريڪ انصاف سان سينيٽر رحمان ملڪ جي معرفت بيڪ ڊور ڳالهين جي نتيجي ڪجهه معاملن تي هڪ ٻئي سان نرم رويا رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت پيپلز پارٽي تحريڪ انصاف کي وچڙيل آئيني، قانوني ۽ پاليسي ساز فيصلن ۾ سهڪار ڪندي رهندي ۽ پي ٽي آءِ پيپلزپارٽي پنهنجي مخصوص اڳواڻن لاءِ رعايتون حاصل ڪندي رهندي. ذريعن موجب ان ئي سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ واري ڪيس ۾ مستعفي اٽارني جنرل انور منصور خان جي پيش ڪيل موقف کانپوءِ واري صورتحال ۾ وفاقي حڪومت لاءِ تمام گهڻيون ڏکيائيون پيدا ٿي ويون، جنهن کانپوءِ انور منصور کان ته استعيفي ڏياري وئي پر حڪومت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ واري ڪيس کي اڳتي وڌائڻ، عدليا ۽ حڪومت وچ ۾ پيدا ٿيل تڪراري صورتحال کي ٿڌو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

ذريعن جي دعويٰ آهي ته، حڪومت پهريون قدم کڻندي انور منصور کان استعيفيٰ ڏياري، جنهن بعد نئون اٽارني جنرل مقرر ڪرڻ جو فيصلو ٿيو ته، قانون واري  وزير فروغ نسيم پاران ڪراچي سان تعلق رکندڙ ۽ ايم ڪيو ايم جي ويجهو رهندڙ هڪ سينئر وڪيل کي اٽارني جنرل مقرر ڪرڻ لاءِ وزيراعظم سان ڳالهائڻ چاهيون، جنهن جي وزيراعظم جي ويجهن حلقن مخالفت ڪئي ۽ وزيراعظم عمران خان کي صلاح ڏني ته ان سلسلي ۾ فروغ نسيم جي ڪنهن به صلاح تي عمل نه ڪيو وڃي، ڇوته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ واري  ڪيس ۾ حڪومت ۽ عدليا کي آمهون سامهون آڻي بيهارڻ واري اتارني جنرل جي موقف بابت قانون وارو وزير مڪمل طور تي باخبر هو ۽ هن ان تي وزيراعظم ۽ کي نه ته اطلاع ڏنو ۽ نه ئي اعتماد ۾ وٺڻ جي ڪوشش، فروغ نسيم ته انور منصور خان کي به اهڙي موقف کان وزيراعظم کي آگاهي ڏيڻ لاءِ نه چيو، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته انور منصور خان جي موقف پيش ڪرڻ جي فورن بعد فروغ نسيم ئي وزيراعظم تائين اهڙو پيغام پهچايو ۽ شڪايت ڪئي ته انور منصور خان جي موقف سان حڪومت عدالت جي سخت دٻاءَ ۾ اچي ويندي.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته وزيراعظم عمران خان پيپلزپارٽي سان بيڪ ڊور پاليسي تحت پيپلزپارٽي سان رابطي ۾ رهندڙ شخصيت کي پيغام اماڻيو ته، پيپلزپارٽي کان ان سلسلي ۾ مدد ورتي وڃي ۽ ڪو اهڙو قانوني ماهر اٽارني جنرل لاءِ تجويز ڪيو وڃي جيڪو حڪومت جي قانوني معاملن ۾ سنجيدگي ۽ سچائي سان مدد ڪري، وزرراعظم اها به خاطري ڪرائي ته پ پ پ اڳواڻن خلاف هلندڙ ڪيسن ۾ ان کان ڪو به ڪم نه ورتو ويندو، يا وري انهن ۾ قانوني طور تي نرم رويو رکيو ويندي، پر اهو قانوني ماهر سڌي طرح پيپلزپارٽي جو ميمبر نه رهيو هجي ۽ جيڪڏهن ڪنهن ناتظامي عهدي رهيو هجي ته ان ۾ حرج ناهي، جنهن لاءِ وزيراعظم پاران پنهنجي ويجهن ساٿين سان صلاح بعد خالد جاويد خان جي نالي تي اتفاق ڪيو ويو، انور منصور خان جي استعيفيٰ کان اڳ ۾ ئي خالد جاويد خان سان رابطو ڪيو ويو، جنهن به راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو هو ۽ جمعي جي ڏينهن شام جو خالد جاويد خان جي اٽارني جنرل طور مقرري لاءِ سمري تيار ڪري لاڳاپيل اختيارين کي اماڻي وئي وئي هئي، پر قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم جي اعتراضن سبب ان جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ ۾ دير ٿي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *