Friday , March 29 2024

تحريڪ انصاف پاران سنڌ ۾ نوان چهرا آزمائڻ تي غور

وزيراعظم عمران خان انهن شخصيتن پاران پ پ پ مخالف روڊ ميپ سان اتفاق ڪندي کين عام چونڊن کان اڳ کين اهم ذميواريون ڏيڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي

انهن مان هڪ شخصيت کي پردي پويان رهي ڪم ڪرڻ جو به ٽاسڪ ڏنو ويو آهي: ذريعا

ڪراچي ( رپورٽ    اصغر آزاد    سنڌسماءَچار ) تحريڪ انصاف سنڌ ۾ پيپلزپارٽي کي ٽف ٽائيم ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيڻ تي وزيراعظم عمران خان ويجهن ساٿين سان صلاح مشورن بعد پي ٽي آءِ کي سنڌ ۾ سرگرم ڪرڻ لاءِ نوان آپشن استعمال ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، ذريعن جو چوڻ  آهي ته پي ٽي آءِ سنڌ جي موجوده قيادت سنڌ ۾ سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا تي واويلا کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڪري سگهي، انڪري پارٽي کي سنڌ ۾ عوامي مڃتا ناهي ملي سگهي. اڳوڻي وڏي وزير سيد غوث علي شاهه، اڳوڻي وفاقي وزير سيد ظفر علي شاهه ۽ آئين ۽ قانوني ماهر بئريسٽر غلام مصطفيٰ مهيسر پاران پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ واري  صورتحال تي جڏهن سنڌسماءَچار پاران پي ٽي آءِ جي هڪ اهم اڳواڻ سان رابطو ڪيو ته هن، نالي نه لکڻ تي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، ” سنڌ ۾ 13 سالن کان لاڳيتو پيپلزپارٽي اقتدار ۾ ويٺي آهي جنهن ۾ 5 سال وفاقي حڪومت وارا به شامل آهن، ان سان منهن ڏيڻ ڪوايڏو سولو ناهي، ان جي باوجود به 2018 جي عام اليڪشن کان اڳ پي ٽي آءِ ۾ موجود اڳواڻن کي اليڪشن ۾ ٽڪيٽن جي ورهاست کان وٺي الڪيشن بعد وفاقي حڪومت  قائم ٿيڻ تائين پراڻن اڳواڻن سان گڏ ڪارڪنن کي به نظر انداز ڪيو ويو“، هن دعويٰ ڪندي چيو ته پي  ٽي آءِ سنڌ تي هڪ مخصوص ٽولو قابض ٿي ويو آحي، خاص طور تي اهو ٽولو اليڪشن کانپوءِ وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي، پي ٽي آءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان سان اتحاد ڪيو ان جا به سنڌي ماڻهن تي ناڪاري اثر پيا، ان کان علاوهه پارٽي جي  ڪجهه اڳواڻن ميڊيا ۾ ان رهڻ ۽ مشهوري لاءِ پي پي جي مخالفت ۾ اهڙا قدم کنيا يا سرگرميون ڪيون جنهن سان سنڌ اندر پي ٽي آءِ جو گراف وڌڻ ۽ پاڙو مضبوط ٿيڻ بدران وڌيڪ نقصان ٿيو.“

هن ٻڌايو ته ” پي ٽي آءِ جي سنڌ جي عوام جي روايتي اڻوڻندڙ معاملن کي هٿي ڏني، مثال طور ٻيٽن تي وفاقي حڪومت پنهنجي قبضي ۾ وٺي نوان شهر اڏڻ وارو منصوبو سنڌ جي عام ماڻهو جي دل ۾ نفرت پيدا ڪئي، پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت ان معاملي تي وفاقي سرڪار سان گڏ هئي، پر پي ٽي آءِ کي سنڌ جي ماڻهن جي جذبن جو خيال ڪرڻ گهرجي ها، ڪراچي جو هڪ پي ٽي آءِ ايم پي اي پارٽي کي پنهنجو فارم هائوس سمجهي رهيو آهي، اهڙن روين سان پيپلزپارٽي سان مهاڏو ته اٽڪائڻ پري جي ڳالهه آهي سوچڻ به ڏکيو آهي.”

ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق سيپٽمبر جي ٻئي هفتي دوران وزيراعظم عمران خان سنڌ سان لاڳاپيل ڪجهه اهم شخصيتن سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪري سنڌ جي سياسي صورتحال تي تفصيل ڳالهه ٻولهه ڪئي، سنڌ ۾ تحريڪ انصاف جا پير پختا ڪرڻ لاءِ کائن تجويزون ورتيون، انهن تجويزن جي بنياد تي وزيراعظم انهن شخصيتن کي مڪاني ادارن جي اليڪشن (جيڪڏهن عام اليڪشن کان اڳ ٿي ته ) لاءِ سنڌ ۾ نئين سياسي حڪمت عملي جوڙڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي، ذريعن جي دعويٰ آهي ته وزيراعظم عمران خان انهن شخصيتن پاران پ پ پ مخالف روڊ ميپ سان اتفاق ڪندي کين عام چونڊن کان اڳ کين اهم ذميواريون ڏيڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي، ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق انهن مان هڪ شخصيت کي پردي پويان رهي ڪم ڪرڻ جو به ٽاسڪ ڏنو ويو آهي… (ڊيولپنگ اسٽوري)

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *