Sunday , December 5 2021
uren

تبديلي سرڪار هڪ مهيني دوران پيٽرول 9 رپيا في ليٽر مهانگو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) تبديلي سرڪار مهانگائي جي باهه ۾ سڙندڙ عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو، 4 رپيا في ليٽر مهانگو، نوٽيفڪيشن جاري، نوان اگهه پهرين آڪٽوبر کان 15 آڪٽوبر تائين لاڳو هوپندا، جنهن بعد اگهن ۾ ٻيهر ڦيرڦار ڪئي ويندي، حڪومت هڪ مهيني ۾ پيٽرول 9 رپيا في ليٽر مهانگو ڪري ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم عمران خان جي منظوري بعد پيٽرو 4 رپيا في ليٽر وڌائي 127 رپيا 30 پئسا في ليٽر مقرر ڪيو ويو آهي. لائٽ ڊيز جي في ليٽر اگهه ۾ 8 رپيا 82 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح وزيراعظم عمران خان جي منظوري سان وفاقي حڪومت مهانگائي جي باهه ۾ سڙندڙ عوام جي مٿان پيٽروليم بم ڪيرايو ويو آهي.ناڻي واري وزارت موجب، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو نئون اگهه 122 رپيا 4 پئسا، گاسليٽ 99 رپيا 31 پئسا ۽ لائٽ ڊيزل 99 رپيا 51 پئسا في ليٽر مقرر ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

ملڪ جو عوام پريشان ! وفاقي سرڪار افغانستان لاءِ امدادي فنڊ قائم ڪندي

Share this on WhatsApp اسلام آباد ( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) ملڪ ۾ مهانگائي سبب اٽو، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *