Friday , March 29 2024

بينظير ڀٽو جي قاتلن جو پتو نه پيو، مشرف ڀاڳيلو قرار،قتل ۾ سهولتڪاري جو الزام ثابت ٿيڻ تي 2 پوليس آفيسرز کي17-17 سال قيد

Benzir Bhutto 01

پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شهيد شريڪ چيئرمين بينظير ڀٽو جي قاتلن جو 10 سال گذرڻ باوجود ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آهي. راولپنڊيءَ جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلندڙ ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي عدالت قاتلن جي سهولتڪاري وارو الزام ثابت ٿيڻ تي ان وقت جي سي سي پي او راولپنڊي سعود عزيز ۽ ايس پي خرم شهزاد  کي 17-17 سال قيد جي سزا ٻڌائي  ڇڏي آهي. عدالت اڳوڻي آمر پرويز مشرف کي اشتهاري قرار ڏئي سندس ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، عدالت جيل ۾ قيد 5 ئي جوابدارن کي ثبوت نه هجڻ تي کين باعزت آزاد ڪري ڇڏيو.

راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 سالن بعد شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ان وقت جي سي پي او راولپنڊي سعود عزيز ۽ ايس پي خرم شهزاد کي 17-17 سال قيد جي سزا ٻڌائي. عدالت اڳوڻي آمر پرويز مشرف کي اشتهاري قرار ڏيندي سندس ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت 5 ئي گرفتار جوابدارن رفاقت حسين، اعتزاز شاهه، شيرزمان، حسنين ۽ رشيد احمد کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن بعد کين جيل مان آزاد ڪيو ويو.

فيصلي بعد ٻنهي اڳوڻي پوليس آفيسرن کي عدالتي احاطي مان ئي گرفتار ڪيو ويو. واضح رهي ته 27 ڊسمبر 2007 تي تي پ پ چيئرپرسن بينظير ڀٽو کي راولپنڊي جي لياقت باغ مان نڪرڻ بعد ڌماڪو ڪري ۽ گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو هو.

29 فيبروري 2008 کان ڪيس جي ڪارروائي شروع ٿي، جنهن تي پيپلز پارٽي بي اعتمادي ظاهر ڪئي، نئين ايف آءِ آر درج ٿيڻ بعد 20 آگسٽ 2013 تي ڪيس جي ٻيهر ڪارروائي شروع ٿي. ڪيس جي 300 ٻڌڻين دوران 7 چالان جمع پيش ڪيا ويا، فريادي ڌر جي 141 شاهدن مان مان 67 جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا، باقي شاهدن کي غير ضروري قرار ڏئي کين طلب نه ڪيو ويو. 9 سالن تائين ڪيس جي ڪارروائي هلندي 6 جج تبديل ٿيا، گذريل ڏينهن عدالت وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ ڪيو هو

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *