Thursday , March 28 2024

بيشڪ!معاملو ڪرپشن جو نه جمهوريت کي خطري جو آهي ..!!– اصغر آزاد

انور مجيد، آصف زرداري ۽ ملڪ رياض

منهنجا پيارا دانشورو! بيشڪ معاملو ڪرپشن جو نه جمهوريت کي خطري جو آهي – اصغر آزاد

اڄ سپريم ڪورٽ ملڪ رياض کي بحريا ٽائون ڪراچي جي سموري زمين460 ارب رپين عيوض قانوني ڪري ڏني آهي. اها رقم ادا به 7 سالن جي قسطن ۾ ڪئي ويندي. رقم تان سنڌ حڪومت جو به حق ختم ڪيو ويو آهي. جي هاءِ ننڍڙو اسرائيل سنڌ ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي نگراني هيٺ ٺهندو، جنهن جي بانيڪار ۾ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، سندس ڀيڻ فريال ٽالپر، اڳوڻو ۽ هاڻوڪو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ۽ مراد علي شاهه، مڪاني ادارن جا وزير رهندڙ، آغا سراج دراني، ڄام خان شورو ۽ سعيد غني برابر جا شريڪ آهن.

هي معاملو عام ماڻهن لاءِ بلڪل پڌري پٽ پيل آهي ته، سنڌ جي زمين نه رڳو ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪئي وئي پر ان ۾ سموريون قانوني حدون به اورانگهيون ويو. اها زمين آصف زرداري جي سربراهي ۾ شهيدن جي پارٽي جي سمورن اڳواڻن وڪرو ڪئي، جنهن جا اهي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان بينيفشري رهيا آهن. جي هاءِ ٻي ڳالهه ته اها زمين جي جيڪا رقم 460 ارب رپيا ملڪ رياض ڏيندو ان تي سنڌ حڪومت جو ڪو به حق نه هوندو، ڇوت هن ڪيس جي ٻڌڻين دوران سنڌ حڪومت پنهنجي موقف ۾ اهو به چيو هو ته، اها زمين جنهن رقم تي بحريا ٽائون کي وڪرو ڪئي وئي آهي ان سان سنڌ کي مالي طور تي ڪو به نقصان ناهي ٿيو.

پر! غور جهڙي ڳالهه اها آهي ته سنڌ جو هڪ اهڙو به پڙهيل لکيل ماڻهن جو لڏو آهي جيڪو سنڌ ۾ بحريا ٽائون سميت ٿيندڙ انيڪ ڪرپشن کي سنڌ جو مسئلو قرار نه پيو ڏئي. ان لڏي جو چوڻ آهي ته، آئيني ۽ قانوني طور تي ڪرپشن جي آڙ ۾ سنڌ جي جمهوري حڪومت، عوامي پارٽي يعني پيپلزپارٽي کي تباهه ڪري وفاقي حڪومت سنڌ کان عوامي حق ۽ عوامي فيصلي يعني ووٽن ذريعي حڪومت ۾ ايندڙ پارٽي (پ پ پ ) کي تباهه ڪرڻ ٿي چاهي، جنهن سان سنڌ جي عوام جا حق غضب ٿي ويندا. انهن دانشورن جو چوڻ اهنو به آهي ته، آصف زرداري ڪرپشن ذريعي ئي صحي پر سنڌ ۾ صنعتڪارن، واپارين، سيڙپڪارن جو نئون لڏو پيدا ڪري سنڌ جي خدمت ڪئي آهي.

اصل ۾ اهڙي راءِ ڏيندڙ آصف زرداري ۽ سندس ٽولي جي ڪرپشڻ کي جائز سمجهن ٿا، آصف ۽ بلاول خلاف ڪيسن کي ڪرپشن جي نالي ۾ سنڌ جي حقن تي ڌاڙو سمجهن ٿا. اهي چاهين ٿا ته آصف ۽ بلاول جي خلاف ڪرپشڻ وارو معاملو اسٽبلشمينٽ جي چال آهي. سنڌ تي قبضي جي، انڪري ڪرپشن خلاف ڳالهائيندڙ اصل ۾ اسٽبلشمينٽ جا ساٿاري يا ايجنٽ آهن ۽ سند جي وسيع تر مفادن جا دشمن آهن.

ان لاءِ مان صرف مٿيون بحريا ٽائون وارو سپريم ڪورٽ جو فيصلو مثال طور پيش ڪيو آهي، بحريا کي زمين ڪنهن ڏني، ڪيئن ڏني، رائو انوار ڪنهن جو لاڏلو ٻچو هو، اهو سڀ عام ماڻهو سمجهن ٿا، پر سنڌ جي انهن پڙهيل لکيل ماڻهن کي ڇا ڪجي، جيڪي ان جي ابتڙ سمجهن ٿا…..

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *